قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

قومي ڪارڪن الهه بچايو مرڻاس

الھبچايو مرڻاس

الھبچايو مرڻاس: مشھور ليکڪ، ايڊيٽر ۽ قومي ڪارڪن الھبچايو مرڻاس، 1948ع ۾ ڳوٺ ’باگوڊه‘ تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. مئٽرڪ هاءِ اسڪول ميرپورماٿيلي مان ڪيائين. ون يونٽ ٽوڙڻ ۽ لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپائڻ واري تحريڪ ۾ ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري رفيق انڍڙ جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال تي ويٺو، جنھن ڪري جيل ويو. هاري تحريڪ ۾ وڏو حصو ورتو. قبائلي تڪرارن سبب هن جا ٻہ ڀائر ماريا ويا. شيخ اياز ۽ فتاح ملڪ هن جا مفت ڪيس وڙهيا. ان عرصي ۾ سائين جي. ايم. سيد سان واسطو ٿيو ۽ جيئي سنڌ تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جيل ۾ تشدد ۽ 15 ڪوڙا لڳڻ سبب ٻوڙو ٿي پيو. ڊاڪٽر حميدہ کھڙو سان سمورو وقت گڏ رهيو. هن جي ادارت هيٺ ’سنڌ دوست‘ رسالو پڻ جاري ٿيو. هن ’لطيف ادبي اڪيڊمي‘ ڪراچي قائم ڪري ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايا، جن ۾ نجم عباسيءَ جو ڪتاب ’ڏٺم اڻ ڏٺل‘، حميدہ کھڙو جو ’ڳچين سندا ڳچ‘، دادا سنڌيءَ جو ’ڏيئي ڏنڀ ڏڏن‘ ۽ ايوب کھڙي جو ڪتاب “Sufferings of Sindh” اهم آهن. هن ڪجهہ عرصو وڪيلن سان بہ ڪم ڪيو. اپريل 2000ع ۾ وفات ڪئي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.00.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس ، 1948ع ۾ ڳوٺ ’ باگوڊه ‘ تعلقي ميرپورماٿيلي ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو


2000.04.00  عيسوي

الهبچايو مرڻاس اپريل 2000ع ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شفيع محمد نظاماڻي
بابل خان جکراڻي
عارف سنائي مخدوم
رحيم خان کوسو
هري لال ڀاڳيا
ڀوڄراج هوتچند ناگراڻي
تلوڪ چند ٻيلاڻي ديپ چند راءِ
ارشاد علي شاھہ
ابنِ اسحاق
خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون