الھام: الھام جي لغوي معنيٰ آهي ڳيهڻ، نڙيءَ مان اندر پيٽ ۾ وجهڻ، ڪنهن شيءِ کي جذب ڪرڻ. ابن خلدون ”الھام“ کي وجدان جي هڪ صورت خيال ڪيو آهي. امام راغب لکيو آهي تہ الھام جي معنيٰ آهي، ڪنهن جي دل ۾ ڪا ڳالھہ وجهڻ ۽ القاءُ ڪرڻ، ليڪن هيءُ لفظ اهڙيءَ ڳالھہ جي القاءُ سان گڏ مخصوص ٿي چڪو آهي، جا ﷲ تعاليٰ جي طرفان ڪنهن جي دل ۾ وڌي وڃي. يعني ”الھام“ جي معنيٰ ”دل ۾ وجهڻ“. هن هيءَ حديث نقل ڪئي آهي تہ ”الاهي، آءٌ تنھنجي رحمت جو ٿورائتو آهيان، منهنجي دل ۾ اهڙي ڳالھہ وجهہ، جيڪا منهنجي رشد و هدايت جو سبب ٿئي.“ گويا الھام مان مراد ﷲ تعاليٰ جي طرفان دل ۾ ڪنهن شيءِ يا ڳالھہ جو القاءُ آهي. سيوطيءَ جي خيال موجب اهڙو القاءُ، جيڪو انسان کي ڪنهن ڪم تي آمادہ ڪري يا روڪي ڇڏي. ابن الاثير لکيو آهي تہ الھام وحيءَ جو هڪ قسم آهي، جنهن سان ﷲ تعاليٰ پنهنجن بندن مان جنهن کي گهري سرفراز ڪري.
الهام، علم ۽ ادراڪ جو سرچشمو آهي. امام غزاليءَ علم بذريعه اڪتساب ۽ علم بذريعه الھام ۾ فرق بيان ڪيو آهي: جيئن هڪڙيءَ کڏ ۾ پاڻي ٻاهران اچي گڏ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڪک ڪانا ۽ ڪچرو بہ هوندو آهي. ٻيءَ کڏ ۾ پاڻي اندران کوھہ جي نارن وانگر ڀرجي ويندو آهي، جيڪو صاف شفاف هوندو آهي. ٻاهران آيل پاڻيءَ کي اڪتسابي علم ڪري ڀانئجي ۽ اندران آيل پاڻيءَ کي الهامي علم ڪري چئجي. اهڙيءَ طرح الھام جو مطلب ٿيو: اندر جو خدائي آواز خدا جي طرفان دل ۾ آيل ڳالھہ يا القاءُ .