الڪندي

الڪِندي: فلسفي، منطق، نجوم، رياضيءَ ۽ طب جو ماهر، يوسف يعقوب ابن اسحاق الڪندي، 801ع ڌاري بصري ۾ ڄائو. سندس پيءُ اسحاق ابن صباح، ٽنهي عباسي خليفن، مهدي، هادي ۽ رشيد جي زماني ۾ ڪوفي جو امير رهيو هو. الڪندي، اسلامي دنيا جو پهريون فلسفي هو، جيڪو هڪ ئي وقت يوناني ۽ سُرياني ٻوليون ڄاڻڻ ڪري هڪ سٺو مترجم بہ هو. خليفي هارون الرشيد، کيس انهيءَ ڪري پنھنجي درٻار ۾ رکيو تہ جيئن هو، يوناني فلسفي، ارسطوءَ جي علم کي ترجمو ڪري سگهي، شاهي درٻار سان منسلڪ هوندي به، الڪندي اهو فلسفي هو، جنهن ”ڏکن مان نجات پائڻ جي ترڪيب“ نالي پنھنجي هڪ ڪتاب ۾، انساني زندگيءَ کي هڪ ”سامونڊي جھاز“ سان ڀيٽيندي، اِهو چيو تہ ”انسان ذات دولت ۽ ملڪيت جي تلاش واري سفر ۾ آهي، جيڪو هڪ منزل کان، پنھنجي حقيقيءَ دنيا ڏانهن سفر ڪري رهيو آهي ۽ اهو جھاز هڪ ڏينهن انسان کي پنھنجي اصل مقصد ڏانهن وٺي ويندو، پر انسان جو ان تي اصرار آهي تہ دولت ئي سڀني ڏکن جي جڙ آهي.“ اسلامي دنيا جي هن عظيم مفڪر ۽ فلسفي 886ع ڌاري بصري ۾ وفات ڪئي.


لفظ الڪنديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0801.00.00  عيسوي

يوسف يعقوب ابن اسحاق الڪندي ، 801ع ڌاري بصري ۾ ڄائو


0886.00.00  عيسوي

الڪندي 886ع ڌاري بصري ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فريال ٽالپر
ڄام جکرو
جتوئي عارف مصطفيٰ
الھڏنو خاصخيلي فقير
جان مارشل
ڄام توڳاچي
سيد يار محمد شاھہ
روپا راڻي
زيدي ڊاڪٽر ظفر حسنين
بابا رامداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون