الڀو شيخ ٺٽوي

اَلڀو شيخ ٺٽوي: الڀو شيخ ، نائين صدي هجريءَ جو ناليوارو درويش ٿي گذريو آهي . الڀي شيخ جو اصل نالو ڄام مارس هو . هو ڄام نظام الدين سمي جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو هو . وٽس تمام گهڻي دولت هئي . سيد حسين شيرازيءَ کان فيض حاصل ڪيائين . الڀي نالي پوڻ جي روايت آهي تہ هڪ دفعي پيشاب ڪندي پنھنجي اڳيان سون جي واهي وهندي ڏٺائين . ان تي مٽي ۽ پٿر وجهي ان کي پوري ڇڏيائين . جڏهن اها خبر سندس مرشد کي پئي ، تہ اُن کيس ” الڀو “ جو لقب ڏئي ڇڏيو: الڀو معنيٰ جنهن کي لوڀ لالچ نہ هجي . الڀو شيخ ، بزرگ درويش هو . کيس ڪيترن ئي بزرگ هستين جي ديدار ڪرڻ جو شرف حاصل هو . پهرين ذوالحج 885ھہ/1480ع تي وفات ڪيائين . سندس مقبرو ٺٽي ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0885.12.01  هجري

پهرين ذوالحج 885هه/1480ع تي وفات ڪيائين . سندس مقبرو ٺٽي ۾ آهي


1480.00.00  عيسوي

پهرين ذوالحج 885هه/1480ع تي وفات ڪيائين . سندس مقبرو ٺٽي ۾ آهي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان شنباڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
پهلوان فقير ڊومڪي
دودو خان
جان محمد جانڻ منگي
ڀڳوان لالواڻي
سردار خان چانڊيو
ڀڳونتي ناواڻي
شاھہ بھارو
آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون