اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام

اليگزينڊر ڪننگهام (Alexander Cunningham ):(جنم ٢٣ جنوري ١٨١٤ وفات ٢٨ نومبر ١٨٩٣ع) سر اليگزينڊر ڪننگهام فوج ۾ انجنيئر ھو. پر کيس ”ھندوستان جي آرڪيالاجيءَ“ جو ابو تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڻ لنڊن ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ايلن ڪننگهام ھو، جيڪو پڻ اسڪاٽش زبان جو شاعر ليکبو ھو. پاڻ ١٩ سالن جي ڄمار ۾ بنگال جي انجنيري کاتي ۾ داخل ٿيو. ھن ٢٨ سالن تائين فوج ۾ رھي خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ ميجر جنرل جي عھدي تان ١٨٦١ع ۾ رٽائر ٿيو. کيس قديم آثارن ۽ خاص طور انڊيا جي قديم آثارن سان گهڻي دلچسپي ھئي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا کي جڏھن منظم ڪيو پئي ويو تہ وقت جي وائسراءِ چارلس جان ڪيننگ سان رابطو ۾ ھو. ھن کيس آرڪيالاجي کاتي جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ڪيو. پاڻ ١٨٦١ع کان ١٨٦٥ع تائين انھيءَ عھدي تي رھيو. ١٨٦٥ع ۾ ڪن سببن جي ڪري آرڪيالاجي کاتي جو ڪم روڪيو ويو. ١٨٦٧ع ۾ کيس سر جو خطاب ڏنو ويو. جڏھن ١٨٧٠ع ۾ آرڪيالاجي کاتي ٻيھر ڪم شروع ڪيو تہ ھو واپس آيو ۽ سال ١٨٨٥ع تائين کاتي جو ڊائريڪٽر رھيو. ڪننگهام سال ١٨٩٣ع ۾ لنڊن ۾ وفات ڪري ويو. سندس گڏ ڪيل سڪا جيڪي برٽش ميوزم ۾ رکيل آھن، سي تحقيقدانن لاءِ وڏو سرمايو آھن. ھن ھندوستان (گڏيل) ۾ ڪيتريون کوٽايون ڪرايون، جن ۾ سارناٿ، سانچي ۽ مھاٻوڌي ٽيمپل اھم آھن. سندس مشھور تصنيف “Ancient Geography of India” آھي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان کان سواءِ بہ ھن ڪجهہ ڪتاب لکيا، جي ھي آھن:
1- Bhilsa Topes (1854), a History of Buddhism.
2- Coins of Ancient India (1891)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1814.01.23  عيسوي

الگزينڊر ڪننگهام 23 جنوري1814 ۾ پيدا ٿيو


1893.11.28  عيسوي

الگيزينڊر ڪننگهام 28 نومبر 1893ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آغا بدر الدين
چشتي حڪيم شمس الدين
ويرو ڪولھي
جالنڌري حفيظ
رميش مهتا
رئيس نبي بخش خان گبول
ابوالليث صديقي ڊاڪٽر
شير بخشو
ٿامس هينري ونس
شيام جئسنگهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون