الياس عليہ السلام: حضرت الياس عليہ السلام، ﷲ تعاليٰ جو نبي، حضرت حزقيل عليہ السلام جو جانشين، بني اسرائيل ۾ ايليا جي نالي سان مشھور هو. قرآن مجيد ۾ حضرت الياس عليہ السلام جو ذڪر بہ آيو آهي. سورة الانعام ۽ سورة الصافات، سورة النعام ۾ کيس فقط نبينعه جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو آهي ۽ الصافات ۾ نبوت ۽ سندس قوم جي هدايت بابت مختصر بيان آهي. حضرت الياسعه جي نبوت جي باري ۾ محققن ۽ مورخن جو اتفاق آهي تہ هو شام جي رهاڪن جي هدايت لاءِ موڪليو ويو هو ۽ بعلبڪ جو مشھور شھر سندس هدايت جو مرڪز هو. حضرت الياسعه جي قوم مشھور بت ’بعل‘ جي پرستار، توحيد کان بيزار ۽ شرڪ ۾ مبتلا هئي، ’بعل ديوتا‘ مشرق ۾ آباد سامي قومن جو مشھور ۽ سڀني کان وڌيڪ مقبول ديوتا هو. هي بت مذڪر هو ۽ زحل يا مشتري جو متبادل ۽ نقل سمجهيو ويندو هو. فنيقي، ڪنعاتي، هوآبي ۽ موياني قبيلا خاص طور تي ان جي پوڄا ڪندا هئا. ان ڪري بعل جي پوڄا حضرت موسيٰ جي زماني کان ٿيندي آئي، جنهن ڪري شام جو مشھور شھر بعلبڪ بہ منسوب ٿيو. حضرت الياس جي زماني ۾ يمن ۽ شام وارن جو محبوب بت بعل ئي هو هن ڳالھہ جو ذڪر قرآن مجيد جي سورت الصافات ۾ هن ريت ٿيل آهي: ”بيشڪ الياس پيغمبرن مان هو. جڏهن پنھنجي قوم کي چيائين تہ ڇا توهان (ﷲ کان) ڪو نہ ٿا ڊڄو. ڇا توهان بعل کي سڏيو ٿا ۽ سڀني کان چڱو بڻائيندڙ کي ڇڏيو ٿا. ﷲ تعاليٰ اوهان جو پاليندڙ ۽ توهان جي ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي. پوءِ انهن هن کي ڪوڙو ڪيو، پوءِ بيشڪ اهي دوزخ ۾ حاضر ڪيل هوندا. ﷲ جي پسند ڪيل ٻانهن کانسواءِ ۽ پوين ۾ سندس تعريف ڇڏي سون. شال الياس تي سلام هجي، بيشڪ اسان نيڪي ڪندڙن کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. بيشڪ اهو اسان جي ايمان وارن مان هو.“