الهداد خان صوفي لغاري

الهداد خان ”صوفي“ لغاري: الهداد خان ”صوفي“ 7 جون 1823ع تي ڄائو. ميرن جي دور جو هڪ مشهور مولودگو هو، جنهن لاتعداد مولود چيا. هن جي والد جو نالو نواب ولي محمد خان لغاري هو. عبدالرئوف ڀٽيءَ ۽ پوئين دور جي مولودگو شاعرن کان پوءِ الهداد لغاريءَ جو نالو مولودگو شاعرن ۾ سامهون اچي ٿو. ميرصاحبن وٽ هن جي تمام گهڻي عزت هئي.
الهداد خان جو تخلص ”صوفي“ هو. هن جا مولود ”ديوان صوفي“ ۾ محفوظ آهن، جيڪو فارسي زبان ۾ آهي. سندس چيل مولودن مان ”حشر ويل حساب ۾“ ۽ ”محمد مرسل مصطفيٰ“ مشهور آهن. هن تعلقي سيوهڻ ۾ 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1823.06.07  عيسوي

الهداد خان ” صوفي “ 7 جون 1823ع تي ڄائو


1882.11.30  عيسوي

الهداد خان ” صوفي 30 نومبر 1882ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بکر فقير
خان خانان بيرام خان
صديق قمبراڻي
شيخ لاڏ جيو پاٽائي
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
وحيد محسن
آرمسٽرانگ نيل
سنهڙو سائين
ليلارام ماکيجاڻي
قادر بخش ڀٽي مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون