الفارابي

الفارابي: مشھور مسلمان فلسفي، ارسطوءَ جو شارح، حڪمت، حياتيات ۽ نباتات جي علمن تي عبور رکندڙ الفارابيءَ، 873ع ڌاري، سمرقند جي اتر اوڀر ۾، ”درياءُ سيحون“ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع ”فاراب“ شھر ۾ ڄائو. سندس پورو نالو ابونصر محمد بن اوزلخ طرخان، الفارابي هو. سندس آبائي پيشو سپاھہ گيري هو، پر مختلف ٻولين ۽ علمن جي سکڻ واري جنون کيس جليل القدر عالم ۽ وڏي پائي جو فلسفي بڻائي ڇڏيو. شروع ۾ هن، پنھنجي ملڪ ۾ ئي ڪيترين زبانن ۾ مهارت حاصل ڪئي، ان کان پوءِ بغداد وڃي، عربي زبان تي دسترس حاصل ڪيائين. اهو دؤر خليفي مستنصر بالله عباسيءَ جو هو. بعد ۾ سيف الدوله جي مقربين ۾ شامل ٿيو. يونان جي فلسفي تي وڏو عبور رکندو هو. هن، ارسطو ۽ افلاطون جي نظرين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪئي، جنهنڪري کيس افلاطوني مڪتبِ فڪر جي هڪ جديد شاخ جو باني پڻ چيو ويو. فلسفي، منطق ۽ موسيقيءَ جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سارنگي وڄائڻ ۽ موسيقيءَ جي مقابلي ۾، ڪوبه سندس سامهون نہ ايندو هو. هن هڪ ساز پڻ ايجاد ڪيو، جنهن جو نالو ”قانون“ رکيائين. انهيءَ ساز جي وڄائڻ سان، ٻڌندڙن تي اهڙي ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي، جو سندن عضوا هڪ عجيب اثر هيٺ اچي ويندا هئا. باقي وقت، حلب جي وڏي حاڪم سيف الدوله علي حمدانيءَ وٽ گذاريائين. سندس ننڍين وڏين تصنيفن جو تعداد 114 ٻڌايو وڃي ٿو. سندس مشھور ڪتابن ۾ ”ڪتاب النباتات“، ”ڪتاب الحيوانات“، ”افلاطون و ارسطا طاليس“، ”مقالة في عقل“، ”اجوبة عن مسائل الفلسفة“، ”تحصيل السعادة“، ”عيون المسائل“، ”فصوص الحڪم“، ”رسالة في سياسة“، ”احياءُ العلوم“، ”اغراض ارسطاطاليس في ڪتاب مابعدالطبعيات“ ۽ ”ماهية النفس“ شامل آهن. اسلامي دنيا جو هيءُ مشھور فلسفي، حڪيم ۽ ٻوليءَ جو ماهر 950ع ڌاري دمشق ۾ لاڏاڻو ڪري ويو .


لفظ الفارابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0873.00.00  عيسوي

الفارابيءَ ، 873ع ڌاري ، سمرقند جي اتر اوڀر ۾ ، ” درياءُ سيحون “ جي اُڀرندي ڪناري تي واقع ” فاراب “ شهر ۾ ڄائو


0950.00.00  عيسوي

الفارابي 950ع ڌاري دمشق ۾ لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اختر مورائي
اديب رضوي ڊاڪٽر
لقمان کوکر
پير مٺا سائين حضرت خواجہ محمد عبدالغفار
شيخ عبدالواحد علامہ
رحمت ﷲ شوق شڪارپوري
پکيئڙو محمد صديق
سليمان خان ٽالپر
ديوي ٻائي هاسو مل
پير ڪرهيو ڀانڊاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون