الحاج، سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ: سيد حاجي عبدالرحيم شاھہ سجاول وارو هڪ خدا پرست، فياض ۽ علم دوست شخص ٿي گذريو آهي. سندس نسبي تعلق سنڌ جي مشھور علمي خاندان مٽياري سادات سان هو. سندس پيدائش ٺٽي ضلعي جي شھر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295ھہ مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي. سندس والد جو نالو ميان محمد رحيم شاھہ هو، جنهن کي 3 فرزند ٿيا، جن ۾ سيد عبدالرحيم شاھہ ٻيو نمبر هو. سندس والد کي اول ۾ ڪا وڏي زمينداري نہ هئي، ليڪن هن محبت ۽ ڪفايت شعاري ڪري، ٺٽي جي هڪ هندو ڀاٽيي کان سجاول ويجهو ”قهرڪي“ نالي ماڳ تي ٿوري زمين خريد ڪئي، جنهن مان ملڪيت وڌائي هن ساري زمين هٿ ڪئي. هن جا وڏا مٽياريءَ مان سجاول ڪڏهن آيا، ان جو پتو نہ ٿو پوي. ميان محمد رحيم شاھہ جي ٻنهي وڏن فرزندن سيد محمد هاشم شاھہ ۽ سيد عبدالرحيم شاھہ کي ماستر عبدالڪريم مٽيارين واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتي پنج سنڌي درجا پڙهيا. ان بعد آخوند محمد عثمان ميمڻ جي مڪتب ۾ قرآن شريف ۽ فارسي تعليم ورتائون، بعد ۾ کين وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ شاھہ صاحب ”بيلي“ ڳوٺ مان مولانا حامد ﷲ ٻيلويءَ کي لڏائي اچي سجاول ۾ ويهاريو ۽ کيس ديني مدرسو کولائي ڏنو، جتي هي ٻئي ڀائر پڙهڻ لڳا. سندن والد ننڍي هوندي ئي 1888ع ڌاري گذاري ويو، جنهنڪري سندن عزيز ۽ ڀيڻويي سيد قادر ڏني شاھہ، جو هڪ اعليٰ منتظم، ديانتدار ۽ وڏي اثر رسوخ وارو شخص هو، سندن زمينون ۽ ڪاروبار سنڀالي، کين اهڙي تعليم ڏياريندو ۽ پرورش ڪندو رهيو، جهڙي والد جي ڏينهن ۾ کين ملندي هئي. سيد قادرڏنو شاھہ اڳوڻي حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي مان لڏي اچي سجاول رهيو ۽ سيد محمد رحيم شاھہ وانگر نہ رڳو صاحبزادن جي تعليم، تربيت ۽ پرورش جي نگهداشت ڪيائين، پر راڄن سان بہ رابطا رکيائين. ٻنهي ڀائرن تعليم سان گڏ زمين جي سنڀال جي تربيت بہ حاصل ڪئي. سندس ڀيڻ سان قادر ڏني شاھہ جي شادي مرحوم ميان محمد رحيم شاھہ جي وقت ۾ ٿيل هئي.
حاجي عبدالرحيم شاھہ جي شادي ٺٽي شھر جي بخاري سيدن مان سيد تاج محمد شاھہ جي نياڻيءَ سان 8 مارچ 1901ع تي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. دانشمند قادر ڏنو شاھہ ميان محمد رحيم جي فرزند کي زمين ابتدا کان وٺي ورهائي جدا ڪري ڏني هئي، جيڪي محنت ڪري علائقي جا مکيہ زميندار شمار ٿيڻ لڳا.
26 آڪٽوبر 1918ع تي سندس وڏو ڀاءُ 54 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري عبدالرحيم شاھہ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ سجاول ۾ 30 جنوري 1921ع ڌاري هڪ مذهبي درسگاھہ قائم ڪيائين ۽ وقت جي وڏن عالمن مولانا محمد سليمان ٻنوي، مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ مولي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي مشوري سان ان جو نالو ”مدرسہ هاشميه“ رکيائين. ٽرسٽ بورڊ لاءِ محمد هاشم شاھہ مرحوم جو بنگلو ۽ مدرسي لاءِ 230 ايڪڙ زمين وقف ڪيائين، ان کان سواءِ بورڊنگ هائوس، استادن جي رهائش جون جايون، هڪ عاليشان جامع مسجد، دڪانن سميت ٺهرايائين. شاھہ صاحب سنڌي ۽ فارسي زبان کان بخوبي واقف هو ۽ قرآن شريف بہ بامحاوره سنڌيءَ ۾ پڙهيو هئائين. مٿين بزرگن سان واسطيداريءَ سبب ”جميعة العلماءِ هند“ سان واسطو هئس، انهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، مولانا ڪفايت ﷲ دهلوي، مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا آزاد سان گهرو واسطو هئس، 1930ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊائڻ ۾ شاھہ صاحب جو وڏو هٿ هو، پاڻ نماز روزي جو پابند هو. 10 حج ڪيائين. مديني شريف ۾ مسجد ٺهرايائين. مذهبي حوالي سان سني مسلڪ سان واسطو هوس ۽ دارلعلوم ديوبند جي عالمن ڏانهن لاڙو رکندو هو. درويش ۽ بزرگن ۾ اعتقاد رکندڙ هو. شاھہ صاحب 22 جُون 1947ع تي وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان بدران مڪليءَ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جي. ايم. سيد سان 1925ع کان وٺي خاص تعلقات هئس ۽ سائين جي. ايم. سيد هميشہ چوندو هو تہ شاھہ صاحب جي مٿس هميشہ پدرانہ شفقت رهي. سيد غلام مصطفيٰ شاھہ ولد غلام علي شاھہ مٿس هڪ ڪتاب بہ لکيو هو، جيڪو سجاول مان ڇپيو هو.
1295.03.14 هجري
الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه جي پيدائش ٺٽي ضلعي جي شهر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295هه مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي
1947.06.22 عيسوي
سيد حاجي عبدالرحيم شاهه 22 جُون 1947ع تي وفات ڪئي
1878.03.18 عيسوي
پيدائش ٺٽي ضلعي جي شهر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295هه مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي