الاهي بخش ٻانڀڻ

الاهي بخش ٻانڀڻ

الاهي بخش ٻانڀڻ2

الاهي بخش ٻانڀڻ2: مشھور شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر الاهي بخش ٻانڀڻ جو جنم پهرين جون 1958ع تي ڳوٺ نيروارو، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان عالمي لاڳاپن جي شعبي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ نومبر 1983ع ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ بطور پروڊيوسر ڀرتي ٿيو ۽ پاڪستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي، جن ۾ حيدرآباد، مٺي، خيرپور، زوب، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ پروڊيوسر، پروگرام مئنيجر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندو رهيو. 31 مئي 2018ع تي ريڊيو پاڪستان جي نوڪريءَ تان ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو.
الاهي بخش ٻانڀڻ ريڊيو جي نوڪري دوران ڪيترائي يادگار پروگرام پيش ڪيا، جن ۾: سڀ رنگ، سڳنڌ، صبح مهراڻ، ٻارڙن جي ٻاري، سگهڙين سٿ، ڊرامه، ڊاڪيومينٽريز ۽ آئوٽ ڊور براڊڪاسٽنگ شامل آهن. کيس بھترين براڊڪاسٽر طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. الاهي بخش ٻانڀڻ کي ننڍپڻ کان ئي لکڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، هن شاعريءَ سان ادبي دنيا ۾ پير پاتو. اڳتي هلي هن ڪهاڻيون بہ لکيون ۽ ٻاراڻي ادب تي بہ قلم کنيو. سندس شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. ٻارن لاءِ لکيل ڪهاڻين تي مشتمل سندس ڪتاب ”ڪانوَن جي ڪاھہ“ آگم پبليڪيشن حيدرآباد پاران شايع ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.06.01  عيسوي

مشھور شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر الاهي بخش ٻانڀڻ جو جنم پهرين جون 1958ع تي ڳوٺ نيروارو، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو.


2018.05.31  عيسوي

الاهي بخش ٻانڀڻ 31 مئي 2018ع تي ريڊيو پاڪستان جي نوڪريءَ تان ڪنٽرولر جي حيثيت ۾ رٽائرڊ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالغفور خطاط
جانڪي دادي
ويرو ڪولھي
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
راشده علي پروفيسر
بودلو بھار
ڌڻيءَ پرتو سميجو
هري شوداساڻي
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
جھانداد خان ليفٽينينٽ جنرل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون