اقبال ميموريل پبلڪ لائبرري ڪنڌڪوٽ

اقبال ميموريل پبلڪ لائبرري، ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ جي شھر ڪنڌڪوٽ ۾ واقع هيءَ لائبرري قومي شاعر علامہ محمد اقبال جي نالي سان منسوب آهي. هيءَ لائبرري 1948ع ۾ تعمير ٿي، جنهن جو افتتاح ان وقت جي اتر سنڌ (موجودہ جيڪب آباد) جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالحميد خان ڪيو. هيءَ بلڊنگ پڪين سرن سان تعمير ٿيل هڪ منزلہ آهي، جنهن کي چئن پاسي ونگن وارا لنگهہ ڏنل آهن، ۽ اندر وڏو هال آهي. عمارت جي مکيہ لنگهہ جي بلڪل سامهون هال جو دروازو آهي، جنهن جي پاسن وارين ديوارن تي دريون لڳل آهن. عمارت جو بنيادي ڍانچو اٺڪنڊي طرز جو آهي. مکيہ لنگهہ جي مٿان سرن سان هڪ تاج ٺهيل آهي، جنهن جي وچ ۾ نصب ماربل تي لائبرريءَ جو نالو ۽ سال تحرير ٿيل آهن. عمارت جي ڇت ٽيئر گارڊرن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪجهہ جاين تي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا پڻ لڳل آهن. سڄي عمارت پيلي ۽ اڇي رنگ جي آهي. اڱڻ ۾ وڻ ۽ ٻوٽا پوکيل آهن. هن وقت هيءَ لائبرري خستہ حالت ۾ آهي. عمارت ۾ ڪيترين ئي جاين تي ڏار پئجي ويا آهن. ان ڪري لائبرريءَ ۾ مطالعي لاءِ ايندڙ ماڻهن جو تعداد گهٽ ٿي ويو آهي. ڪنهن زماني ۾ هيءَ پبلڪ لائبرري مطالعي جو اهم مرڪز هئي ۽ منجهس بيشمار ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جو وڏو ذخيرو موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو