
شاعر مشرق علامه محمد اقبال
اقبال، علامه، ڊاڪٽر: شاعر مشرق علامہ ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق ڪشميري برهمڻ خاندان سان هو، جيڪو خاندان سوا ٻہ سئو سال پهرين اسلام قبول ڪري چڪو هو ۽ ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي آباد ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والدہ جو نالو امام بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي تعليم لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ بعد ۾ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن بھائي اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتي کيس عربي ۽ فارسي علمن جي تعليم لاءِ سيد مير حسن جهڙو استاد ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهہ عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ تاريخ جو استاد رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي تصنيف آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ جولاءِ 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 آگسٽ 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
علامہ اقبال جولاءِ 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهہ مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ ان جي جڳھہ تي عربيءَ جو استاد مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت برطانيا سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙھہ ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. ٽين گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽو ٽولين سوسائٽيءَ جي اهتمام هيٺ لنڊن ۾ ”ڪيا مذهب ڪا امڪان هي“ جي موضوع تي تقرير ڪيائين. ٽن هفتن کانپوءِ اسپين جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهہ اردو نظم لکيائين، جن ۾ مشھور نظم ”مسجد قرطبه“ بہ شامل آهي. 26 جنوري 1933ع تي اسپين مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ افغانستان جو دورو ڪيائين. علامہ صاحب 1935ع ۾ پنھنجي گهرواريءَ جي انتقال کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت بہ ڇڏي ڏنائين. ڀوپال جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو. سندس هيٺيون تصنيفون (1) علم الاقتصاد (1903)، (2) تشڪيل جديد الاهيات اسلاميه، (3) ايران مابعد الطبيعيات ڪا ارتقا، (4)- اسرار خودي (فارسي)، (5)- رموز بيخودي (فارسي)، (6)- پيام مشرق (فارسي)، (7)- بانگ درا (اردو)، (8)- زبور عجمه (فارسي)، (9)- جاويد نامہ (فارسي)، (10)- بال جبريل (اردو)، (11)- ضرب ڪليم (اردو)، (12)- پس چه بايد کرد، (13)- اي اقوام شرق، (14)- ارمغان حجاز (فارسي)، (15)- آئينہ عجم (فارسي شاعرن جو انتخاب)، کانسواءِ علامہ صاحب درسي ڪتاب بہ لکيا، اقبال جي استادن ۾ شڪارپور تعلقي جو علامہ علي محمد ڪاڪيپوٽو بہ شامل هو. جنهن کيس فلسفي ۽ منتق جي تعليم ڏني.
علامہ اقبال 21 اپريل 1938ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس بادشاهي مسجد لاهور جي دروازي ويجهو دفن ڪيو ويو. علامہ صاحب جي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو لطف ﷲ بدوي ڪيو آهي.
1877.11.09 عيسوي
علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو
1938.04.21 عيسوي
علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي لاڏاڻو ڪيو