اقبال شاهين

اقبال شاهين

اقبال شاهين

اقبال شاهين: اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر اقبال شاهين 5 آگسٽ 1956ع تي جاتيءَ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي ۽ ايم ايڊ آهي. پاڻ پيشي جي لحاظ کان استاد رهيو آهي، جتان هن وقت رٽائر ڪري چڪو آهي. سندس نوڪريءَ وارو گهڻو عرصو ڪراچيءَ ۾ گذريو. کيس شاگرديءَ واري دؤر کان وٺي ادب سان لڳاءُ رهيو. اڳتي هلي شاعريءَ طرف لاڙو ٿيس ۽ هڪ ئي وقت ۾ اردو ۽ سنڌي عروضي شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪئي. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، بزم طالب الموليٰ، بزم شاهين ۽ بزم جيلاني سميت ٻين ڪيترن ئي ادبي ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شمع فرزاں‘ (حمد و نعت اردو)، ’شمع هدايت‘ (حمد و نعت سنڌي)، ’حياتِ درد‘ (اردو شاعري)، ’آرسيءَ جا عڪس‘ (شاعري) ۽ ’سخن شاهين‘ (شاعري) شامل آهن.


لفظ اقبال شاهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.08.05  عيسوي

اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مشھور شاعر اقبال شاهين 5 آگسٽ 1956ع تي جاتيءَ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راج راڄپر
حڪيم محمد صادق طالب
ايسر فقير
علي محمد شاهه عاجز
غلام حسين سيلاني
تنها سيف بخاري
بلوچ هدايت
شاهه غلام عباس
اصغر سائين
خواجه نظام الدين مجددي شڪارپوري
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون