
اقبال حامد
اقبال حامد: صحافي سيد اقبال حسين ولد سيد حامد حسين مالوف ديو بند (ڀارت) ۾ 1929ع ڌاري جنم ورتو. راجپوتانه جي رياست ڪوٽه مان تعليم حاصل ڪيائين. سياسي طور مسلم ليگ سان لاڳاپيل هو. ورهاڱي بعد پاڪستان ۾ کيس هڪ ڀيرو گرفتار بہ ڪيو ويو. اڳتي هلي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. 1949ع ڌاري ڪراچيءَ مان ’امروز‘ اخبار شروع ٿي تہ سڀ کان پهرين حيدرآباد ۾ اقبال حامد ان اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو. ان کانپوءِ1981ع تائين جنگ اخبار ۾ نوڪري ڪرڻ سميت مختلف اخبارن ۾ ڪالم لکندو رهيو. هن روزانہ جسارت، روزانہ نواءِ وقت، روزانہ امن، روزانہ امروز، روزانہ عبرت، روزانہ مهراڻ ۾ ڪالم لکيا. حيدرآباد پريس ڪلب جي باني ميمبرن مان هو، جنهن جو پهريون صدر بہ چونڊيو ويو ۽ لاڳيتو اٺن سالن تائين صدر رهيو. هن ٽيبل ٽينس جي وڏي ٽورنامينٽ سڀ کان پهرين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪرائي. اقبال حامد هاڪيءَ جو بہ بھترين رانديگر هو. هو ڪافي وقت حيدرآباد جي هاڪي ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري رهيو. اقبال حامد کي تحريڪ پاڪستان ۾ نمايان حصو وٺڻ تي 14 آگسٽ 1987ع تي هڪ تعريفي سند ۽ روڪ انعام مليو. هن 11 مارچ 1988ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.