افلاطون2 (ڪتاب): هن نالي سان هڪ ڪتاب پيسومل آڏواڻيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ صفحا 90 آهن ۽ قيمت 8 آنا ڄاڻايل آهي. اُن جو ڇاپو پهريون، ينگ مئن ڊراميٽڪ ڪلب حيدرآباد، سن 1928ع ۾ ڇپايو.