افلاطون

افلاطون

افلاطون

افلاطون (Plato): يوناني فيلسوف، جنهن حڪمت الاهيءَ جو بنياد وڌو، جيڪو اڄ بہ دنيا جي وڏن اثرن رسوخ وارن مفڪرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
هيءُ اٿينس جي هڪ اشراف گهراڻي ۾ 472 ق. م ۾ ڄائو، ۽ سقراط کان تعليم حاصل ڪيائين. سندس بنيادي تصنيفن ۾ سقراط جي فلسفي جي ئي ترجماني ڪيل آهي. افلاطون جو فلسفو ”مڪالمات“ جي شڪل ۾ بيان ٿيل آهي، جيڪو اسلوب بيان، فڪر ۽ نظر جي گهرائيءَ ۽ وسيع خيالن جي لحاظ کان عالمي ادب جو شاهڪار تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس انهيءَ ڪتاب ۾ جمهوريت، قانون، تنقيد، سوفسطائيت سميت 18 موضوعن تي بحث ڪيل آهي. ”عوامي راڄ“ (Republic)، افلاطون جو مشھور ڪتاب آهي، جنهن ۾ هڪ مثالي حڪومت جو نقشو سامهون رکي، انصاف جو عملي خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. هن ئي ڪتاب ۾ هن شاعرن کي پنھنجي مثالي رياست مان نيڪالي ڏيڻ جي ڳالھہ ڪئي ۽ ان سلسلي جو بحث ادبي تنقيد جي زمري ۾ اچي ٿو. افلاطون، اٿينس ۾ هڪ ”اڪيڊميءَ“ جو بنياد بہ رکيو. سندس فلسفي موجب علم صحيح، دائمي ۽ غيرمتبادل هوندو آهي. هن ”روح عالم“ جو تصور بہ ڏنو، ۽ اهڙيءَ طرح مادي ڪائنات جي خالق کي تسليم ڪيو آهي. هيءُ روح عقليءَ کي غيرقانوني سمجهندو هو. سندس فلسفي موجب، ”خير“ جا بنيادي جزا چار آهن: عدل، اعتدال، شجاعت ۽ حڪمت، هن وٽ بدنظمي سراسر فساد آهي. هو نظم ۽ ترتيب کي مثالي رياست قرار ڏئي ٿو، جتي جو حاڪم فلسفي پڻ هجي. ادب ۽ فن جي باري ۾ افلاطون جو نظريو اهو هو تہ مثالي حسن سان محبت، انسان کي ”عين خير“ تائين پهچائي ٿي. تنهن هوندي بہ هو پنھنجي مثالي رياست مان شاعرن کي نيڪالي ڏيڻ جي ڳالھہ ڪري ٿو. وٽس فقط مادي دنيا جو تصور ٺڪرايل آهي. هيءُ فيلسوف 347 ق. م ۾ گذاري ويو.
فلسفي جي دنيا ۾ افلاطون انتهائي همه گير شخصيت جو مالڪ آهي. هو فلسفي جي تاريخ ۾ پنھنجي آدرشن جو نظريو (Theory of Ideas) جي ڪري مشھور آهي. ان کان سواءِ روح جي لافاني هجڻ، تخليق ڪائنات جي مخصوص نظريي، علم يا ڄاڻ بحيثيت يادگيريءَ جي، وغيره، سندس اهڙا نظريا آهن، جيڪي کيس هميشہ لاءِ فلسفي ۾ زندہ رکندا اچن ٿا.
جيستائين افلاطون جي پنھنجي فڪر جو تعلق آهي تہ ان تي سندس پيشرو فيلسوفن جھڙوڪ: پئٿاگورس، پارمينائڊس، هيراقليطس ۽ سقراط جا واضح اثر نظر اچن ٿا. پئٿاگورس وٽان هن مذهبي رجحان، خاص ڪري لاقانونيت ۽ ٻيءَ دنيا جا تصور ورتا. اهڙيءَ طرح حقيقت کي ابدي ۽ وقت کان مٿي ڄاڻڻ جو نظريو، هن پارمينائڊس کان پرايو. هيراقليطس جي نظريي جو مٿس وڏو اثر ٿيو، جنهن مطابق حسياتي دنيا ۾ ڪابہ شيءِ مستقل ۽ دائمي نہ هئي. سقراط کان هن اخلاقيات جو اعليٰ درس پرايو ۽ ان کي ئي پيش ڪيائين.
افلاطون جي ”نظريہ اعيان“ موجب هيءَ دنيا ٻيءَ اصلي دنيا جو نقل يا نظير آهي. هر شيءِ جو عين مطابق عالم بالا يا عالم مثال ۾ موجود آهي، جيڪو غير متبادل ۽ لافاني آهي. هن دنيا ۾ انهن شين جا صرف عڪس يا اولڙا آهن. ان جو مثال ڏيندي چوي ٿو تہ اسان جيڪا ڪاٺ جي ميز ڏسون ٿا، ان ۾ هڪڙي تہ اها ڪاٺ واري ٺهيل ميز آهي، پر ان جي پٺيان ميز جو هڪ اهڙو آفاقي تصور (universal idea) آهي، جنهن سان اها ڪاٺيءَ واري ميز مطابقت رکي ٿي. هن جو چوڻ آهي تہ اهو تصور ئي دراصل لافاني آهي، باقي ڪاٺ واري ميز تہ فاني آهي.
اهڙيءَ ريت افلاطون جو نظام فلسفي جي دنيا ۾ پهريون جامع عينيت پسند ۽ تصوراتي يا آدرشي فڪر (Idealism) آهي. هن جي خيال ۾ هن دنيا جون طبعي شيون غير حقيقي يا نقل آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ اعيان، دائمي ۽ آدرشي آهن. خدا ۽ خير جو تصور ٻين سڀني تصورات جو ڄڻ تہ نقطئه ڪمال آهي.
بهرحال، افلاطون فلسفي جي دنيا ۾ ماديت پسند (Materialism) فلسفي جي مقابلي ۾ آدرشيت يا عينيت (Idealism) جو وڏي ۾ وڏو نمائندو آهي. افلاطون جي مستقل تصنيف سندس مڪالمات (Dialogues) آهن، جيڪي ڪيترن عنوانن تي مشتمل آهن. مشھور فلسفي ارسطو سندس شاگرد هو.


لفظ افلاطونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0472.00.00  قبلِ مسيح

هيءُ اٿينس جي هڪ اشراف گهراڻي ۾ 472 ق. م ۾ ڄائو، ۽ سقراط کان تعليم حاصل ڪيائين.


0347.00.00  قبلِ مسيح

هيءُ فيلسوف 347 ق. م ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄاموٽ شفقت حسين شاھہ
آچار ڪاڪو
سيد بچل شاھہ تابش نقوي
محمد سومار ٿيٻو
پير حسن ڪبير الدين رح
سرائي غلام سرور خان ڇڄڙو
ديوان ڄيٺمل
دائود بن يزيد
فھد مصطفيٰ
شاھہ اسماعيل صوفي ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون