افتخار عارف

افتخار عارف

افتخار عارف

افتخار عارف: اردو زبان جو ناميارو شاعر ۽ اديب افتخار عارف، 21 مارچ 1943ع تي لکنؤ (ڀار) ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو افتخار حسين آهي. ايم. اي ۽ ايم. ايس سي تائين لکنئو يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين. 1965ع کان 1977ع تائين ريڊيو پاڪستان ۾، ٻاهرين نشريات جو نيوزڪاسٽر رهيو، جنهن کان پوءِ وري پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچيءَ تي، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ سينيئر پروڊيوسر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. سندس شھرت ۾ ٽيليويزن جي اردو پروگرام ’ڪسوٽيءَ‘ جي ڪري اضافو ٿيو. 1977ع کان 1980ع تائين بئنڪ آف ڪريڊٽ ۽ ڪامرس ۾، عام لاڳاپن جو آفيسر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ 1990ع تائين، بئنڪ جي عيوضيءَ جي حيثيت سان، ”ٿرڊ ورلڊ فائونڊيشن“ لنڊن جو ناظم اعليٰ پڻ رهيو. لنڊن مان اچڻ کان پوءِ کيس پاڪستان اڪادمي ادبيات جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. 1994ع کان وٺي هن وقت تائين ”اسڪالرس ائنڊ رائيٽرس فائونڊيشن“ جو ڊائريڪٽر جنرل، مقتدره قومي زبان جو چيئرمئن ۽ ٻيو ڀيرو چيئرمئن اڪادمي ادبيات اسلام آباد رهيو. جتان ويجهڙائي ۾ فارغ ٿي وري مقتدره قومي زبان جو چيئرمئن ٿيو آهي.
سندس ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي اوارڊ ۽ انعام ڏنا ويا آهن، جن ۾، 1984ع ۾ آدم جي اوارڊ، فيض انٽرنئشنل اوارڊ براءِ شاعري، 1989ع ۾ صدارتي اوارڊ براءِ حسن ڪارڪردگي، 1994ع ۾ باباءِ اردو مولوي عبدالحق اوارڊ، 1995ع ۾ نقوش ادبي اوارڊ ۽ بولان انٽرنئشنل اوارڊ 1996ع شامل آهن. هن برطانيا ۾ قيام دوران بي. بي سي ۽ ٻين نشرياتي ادارن ۾ علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏهن تہ ڪيترن ملڪن ۾ ٿيندڙ، مختلف نوعيت جي سيمينارن ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا، ”مھر دو نيم“، ”بارهوان کلاڙي“ ۽ ”حرف باريان“ شايع ٿي چڪا آهن.


لفظ افتخار عارفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.03.21  عيسوي

افتخار عارف، 21 مارچ 1943ع تي لکنؤ (ڀارت) ۾ پيدا ٿيو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغ علي خان خائف
ثمامه رضہ بن آثال
اٽل مل بينام
ڀيرجي ٺڪَر
الھورايو اُداسي بھڻ
اياز قادري
سڄڻ قبولائي
ارجن سڪايل
آتش سنڌي
عمرالدين بيدار
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون