اعظم خان

اعظم خان: مغلن جو هيءُ عملدار سن 1128ھہ(سن 1716ع) ۾ ٺٽي جو نواب بنجي آيو هو. هو صوفي بزرگ شاھہ عنايت جي مخالفن جي ڳالهين ۾ اچي سندن مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن سلسلي ۾ سڀ کان اول اهو قدم کنيائين جو صوفي شاھہ عنايت جي خانقاھہ سان لاڳو زمينن جون ڍلون، جي اڳ معاف ٿي چڪيون هيون سي نئين سر مڙهيائين. ان کان علاوہ خدا يار خان ميان يار محمد خان ۽ ٻين زميندارن کي خط لکيائين تہ هو سندس مدد ڪن تہ جيئن هو، صوفي شاھہ عنايت ۽ سندس مريدن سان جنگ ڪري. مقالات شعراءِ قلمي نسخي ۾ هڪ روايت آهي تہ اعظم خان، صوفي شاھہ عنايت جي ملاقات لاءِ ويو، تڏهن درويشن کيس ائين چئي روڪي ڇڏيو تہ ”حضرت جن هن وقت ورد وظيفن ۾ مشغول آهن“. جڏهن صوفي صاحب سان ملاقات ٿي، تڏهن اعظم خان چيو ”درِ درويش را دربان نشايد“ (درويش جي در تي دربان نہ هئڻ گهرجي). صوفي صاحب هڪدم جواب ڏنو. ”بشايد، تا سگِ دنيا نيايد“ (هئڻ گهرجي تہ جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نہ سگهن). هيءَ ڳالھہ اعظم خان جي ذاتي رنجش جو سبب بنجي وئي. شاھہ عنايت جي وڌندڙ طاقت کان گهٻرائجي جڏهن تر جي زميندارن دهليءَ ۾ واويلا ڪئي تڏهن دهليءَ جي حڪم تي اعظم خان صوفي شاھہ عنايت خلاف بغاوت جي باھہ کي مچايو. بالاخر هن صوفي شاھہ عنايت کي دوکي سان قيد ڪرائي 15 صفر 1130ھہ(7 جنوري 1718ع) تي کيس شهادت جو جام پياريو. هن ظالم نواب هر طرح سان ٺٽي جي عوام سان ظلم ڪيا. ٺٽي جي قابل احترام مخدوم رحمت کي بہ قيد ڪرايائين. واپارين کان زوري پئسا ڦريائين. اهڙي طرح هر لحاظ کان هن پنھنجي نوابي جو غلط فائدو ورتو ۽ عوام کي تنگ ڪيائين. پوءِ جڏهن محمد شاھہ تخت تي ويٺو تہ سن 1131هجريءَ ۾ اعظم خان کي گورنريءَ تان لاٿو ويو.


لفظ اعظم خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو