اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو

اعجاز ٻرڙو: مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سندس خاندان لڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو. ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم ٺٽي مان حاصل ڪرڻ دؤران هن پنھنجي فني ڪيريئر جي شروعات پي. ٽي. وي تي ڪيترن ئي اردو ۽ سنڌي ڊرامن ۾ اداڪاري سان ڪئي. سندس ڊرامن ۾: ’ناٽڪ رنگ‘، ’بدلتي موسم‘، ’درارين‘، ’ڪشمڪش‘، ’وٽا سٽا‘، ’شوق جي قيمت‘، ’چنڊ جي تپش‘، ’رشتن جي ڪھاڻي‘ ۽ ٻيا شامل آهن. ان کان علاوہ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو مرڪزي وائيس چيئرمين بہ رهيو. 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.19  عيسوي

مشھور اداڪار اعجاز ٻرڙو، 19 آگسٽ 1960ع تي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو.


2023.06.17  عيسوي

اعجاز ٻرڙي 17 جون 2023ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏهراج محمد عبدالعزيز
پٽيل دراب جسٽس
تھذيب السلام رضوي
احمد سلطان چانڊيو
ڀڳوان اٽلاڻي
دودو خان
ڄام نظام الدين سمو
جگر مرادآبادي
غلام نبي مگسي
عبدالله مڪاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون