اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاھہ شيرازي

اعجاز علي شاھہ شيرازي: ٺٽي ضلعي جو مشھور سياستدان سيد اعجاز علي شاھہ شيرازي، جهوني سياستدان سيد قادر ڏني شاھہ جو پٽ هو. 1952ع ڌاري ڳوٺ سيدپور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پھريون ڀيرو پارلياماني سياست ۾ آيو. ان کان پوءِ 1988ع ۽ 1990ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي PS-69 تان، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1993ع ۽ 1996ع ۾ ساڳئي تڪ تان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيو. 2001ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ رهيو. 2013ع ۾ PS-69 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سندس تعليم انٽرميڊئيٽ هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار هو. ضلعي ٺٽي جي سياست ۾ سيد اعجاز علي شاھہ شيرازيءَ جي خاص سڃاڻپ رهي. 10 ڊسمبر 2020ع تي ڪرونا سبب ٺٽي ۾ وفات ڪئي. کيس مڪليءَ ۾ درگاھہ شاھہ مراد شيرازيءَ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2020.12.10  عيسوي

سيد اعجاز علي شاهه شيرازي 10 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي.



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الاهي بخش پير
اعجاز جکراڻي
آدم خان رند
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اصغر خان
امير بخش ڀٽو
بشير خان قريشي
آرائين طارق مسعود
اسفند يار ولي
ايشور داس
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون