اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاهه شيرازي

اعجاز علي شاھہ شيرازي

اعجاز علي شاھہ شيرازي: ٺٽي ضلعي جو مشھور سياستدان سيد اعجاز علي شاھہ شيرازي، جهوني سياستدان سيد قادر ڏني شاھہ جو پٽ هو. 1952ع ڌاري ڳوٺ سيدپور، تعلقي ۽ ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ پھريون ڀيرو پارلياماني سياست ۾ آيو. ان کان پوءِ 1988ع ۽ 1990ع ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي PS-69 تان، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1993ع ۽ 1996ع ۾ ساڳئي تڪ تان آزاد اميدوار طور ڪامياب ٿيو. 2001ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار پڻ رهيو. 2013ع ۾ PS-69 تان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. سندس تعليم انٽرميڊئيٽ هئي ۽ پيشي جي لحاظ کان زميندار هو. ضلعي ٺٽي جي سياست ۾ سيد اعجاز علي شاھہ شيرازيءَ جي خاص سڃاڻپ رهي. 10 ڊسمبر 2020ع تي ڪرونا سبب ٺٽي ۾ وفات ڪئي. کيس مڪليءَ ۾ درگاھہ شاھہ مراد شيرازيءَ جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2020.12.10  عيسوي

سيد اعجاز علي شاهه شيرازي 10 ڊسمبر 2020ع تي وفات ڪئي.



سياسي ۽ سماجي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز علي خان جتوئي
ارباب ذڪاءُ ﷲ
اصغر خان
الاهي بخش سومرو
آفتاب شاھہ جيلاني
امجد حسين شاھہ جيلاني
اسفند يار ولي
بشير خان قريشي
آرائين طارق مسعود
اعجاز علي شاھہ شيرازي
سياسي ۽ سماجي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون