اعجاز علي خواجہ

اعجاز علي خواجہ: ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ اعجاز علي خواجہ ولد حاجي امام بخش خواجه، ٺٽي ضلعي جي قومي ڪارڪنن مان آهي. هن جو جنم ميرپور بٺوري شھر (سجاول) ۾، 24 آڪٽوبر 1950ع تي ٿيو. تعليم انٽر آرٽس اٿس. سياسي زندگيءَ جي شروعات 1968ع ۾ ڪئي، 1971ع ۾ پهريون ڀيرو جيل ويو، ان بعد 1979ع، 1980، 1983 ۽ 1986ع ۾ بہ جيل ياترا ڪئي. 1968ع کان 1986ع تائين پيپلزپارٽيءَ سان سندس وابستگي رهي. 1986ع کان سنڌي بلوچ پختون فرنٽ سان لاڳاپيل رهيو، جيڪا پارٽي اڳتي هلي ’سنڌ نئشنل فرنٽ‘ ۾ تبديل ٿي، جنهن جو سربراھہ ممتاز علي ڀٽو آهي. اعجاز خواجہ ميرپور بٺوري جو ننڍو زميندار ۽ سماجي ورڪر آهي. سندس ٽي ڪتاب ”نيئر منهنجو نينھن“، ”ڳالهيون ڪوٽ ڪڙن جون“ ۽ ”آر ڊي'>ايم آر ڊي جا قيدي“، ترتيبوار، آگسٽ 1988ع، جنوري 1995ع ۽ مئي 2017ع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، جيڪي سندس جيل ياترائن جي داستانن تي مشتمل آهن. ان کان علاوہ پارسي ليکڪ D.F Karaka جي انگريزي ڪتاب Then Came Hazarat Ali جي ڪجهه بابن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو ’۽ پوءِ علي عه آيو‘ جي نالي سان 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. پاڻ هن وقت ميرپور بٺوري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اعجاز علي خواجہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.10.24  عيسوي

اعجاز علي خواجه جو جنم ميرپور بٺوري شهر ۾، 24 آڪٽوبر 1950ع تي ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسد ﷲ ڀٽو مولانا
سيد مير لطف ﷲ سيوستاني
شيرين مزاري
شازيه پتافي ڊاڪٽر
شيدي محمد بخش
دلو راءِ
اقبال دل
سيد بچل شاھہ تابش نقوي
مرليڌر جيٽلي ڊاڪٽر
جهانگي خان وڏيرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون