اعجاز سمون

اعجاز سمون، ڊاڪٽر: ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ ناول نويس اعجاز علي ولد فتح علي سمون 2 آگسٽ 1963ع تي خيرپور ميرس شھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان انٽر سائنس تائين تعليم خيرپور ۾ پرائڻ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر اعجاز سمي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. شروع ۾ ڪھاڻيون ۽ ڪجهہ ڊراما لکيا، جيڪي ريڊئي پاڪستان خيرپور، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان نشر ٿي چڪا آهن. ڪھاڻين کان علاوہ هن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪالم بہ لکيا، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۾ وقت بہ وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪجهہ عرصو روزاني ’خبرون‘ اخبار ۾ هفتيوار ڪالم ”سڪل بڙ جي ڇانوَ ۾“ عنوان سان لکيا. سندس ڪھاڻين جا چار ڪـتـاب ”ڪـمـري ۾ لـڳـل تصوير“ (1998ع)،”فائيل ۾ بند ٿيل هڪ ڇوڪري“ (2003ع)، ”تنھنجي دل ۾ هوندي بہ اڪيلا“ (2012ع) ۽ ”مرادان“ ڇپيل آهن. ان کان علاوہ ”بي خوف هوائون“ (ناول 2018ع) ۽ ”منھنجي ڌيءَ ڏاهي آهي“ (ڪالم 2020ع) پڻ ڇپيل آهن. ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس سنڌي ادبي سنگت خيرپور اوارڊ، ڪھاڻي اوارڊ 2010ع، انيس انصاري ڪھاڻي اوارڊ، ريديو ڊراما اوارڊ ۽ ٽـيـلـينٽ فورم خيرپور اوارڊ (1998ع) ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.08.02  عيسوي

اعجاز علي سمون 2 آگسٽ 1963ع تي خيرپور ميرس شهر ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد ڀٽو
فقير مير محمد نظاماڻي
خليل مورياڻي
ڀڳتياڻي ھَرِي ديوي
راجا هرش
شاهد سلام ٿھيم
ڀاشاني عبدالحميد خان
ٿامس مان
امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر
راجا رفيق پنهور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون