
اظھر علي ٻانڀڻ
اظھر علي ٻانڀڻ: شاعر ۽ نثر نويس اظھر علي ولد حامد خان ٻانڀڻ جو جنم پھرين آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ حامد آباد، تعلقي ٺري ميرواھہ، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 1994ع ۽ 1998ع ۾ شھري بچاءُ (سول ڊفينس) واري کاتي مان ڊپلوما ڪئي. هن لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ گيت، غزل، وائي، نثري نظم، آزاد نظم، ترائيل ۽ چؤسٽي جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، جڏهن تہ نثري تحريرن ۾: مضمون، تاثر، ڊراما، ڪھاڻيون، خاڪا ۽ تنقيدي اڀياس شامل آهن. پاڻ، سنڌي ادبي سنگت (ڪراچي شاخ) جو 1996ع کان ميمبر ۽ 1997ع کان سيڪريٽري آهي. سندس لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن. ان کانسواءِ ڪجهہ اخبارن ۽ رسالن جي ايڊيٽوريل سيڪشن جو انچارج ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر پڻ رهيو. 1985ع ۾ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ ٻہ سال انسپيڪٽر ۽ 88/ 1987ع ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن لياري ائڪسچينج ۾ ڪجهہ وقت ڪلرڪ طور ڪم ڪيو.سندس شاعري ٻن ڪتابن: ”صليب جاڳ اسانجي“ (2015ع) ۽ ”سرجڻھار“ (ٻہ جلد: 2019ع) ۾، ٻين شاعرن جي گڏيل مجموعي ۾ شايع ٿيل آهي. کيس، سنڌ ثقافت تنظيم، ڪراچي پاران بھترين شاعر طور ’استاد بخاري اوارڊ‘ (1997ع) ۽ ”ناٽڪ“ ۽ ”پرک“ رسالن طرفان بھترين شاعر جا مڃتا اوارڊ (2013ع ۽ 2017ع) ملي چڪا آهن.
1961.08.01 عيسوي
شاعر ۽ نثر نويس اظھر علي ولد حامد خان ٻانڀڻ جو جنم پھرين آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ حامد آباد، تعلقي ٺري ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس ۾ ٿيو.