پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه

پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه

اظھر علي شاھہ ڊاڪٽر

اظھر علي شاھہ، ڊاڪٽر: تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھہ ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاھہ جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سوشيالاجي- 2013ع)، ايل ايل بي (2016ع)، ايم ايس سي (اليڪٽرونڪس- 1998ع) ۽ ايم. فل (انفارميشن ٽيڪنالاجي- 2004ع) جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. جڏهن تہ 2011ع ۾ انگلنڊ جي ناٽنگهم يونيورسٽيءَ مان انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. 2000ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اليڪٽرونڪس شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ هن وقت ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر آهي. ڊاڪٽر اظھر علي شاھہ سنڌ يونيورسٽي دادو ۽ لاڙڪاڻي ڪئمپس جو ڪجهہ عرصي لاءِ پرووائيس چانسلر رهيو آهي. ان کانسواءِ شھيد بينظير ڀٽو گرلس ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ سنڌ سائنس سوسائٽيءَ جو صدر پڻ رهي چڪو آهي. سندس ڪيترائي تحقيقي مقالا ملڪي توڙي غير ملڪي تحقيقي مخزنن ۾ شايع ٿيل آهن. هن ڪيترين ئي ڏيھي ۽ پرڏيھي ڪانفرنسن ۾ شامل ٿي مقالا پيش ڪيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ”Reforms needed in the Universities of Sindh“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. پاڻ هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.02.05  عيسوي

تعليمدان ۽ محقق پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاهه ولد حافظ غلام مصطفيٰ شاهه جو جنم 5 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ بنبيا، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو نواب شبير احمد خان
عبدالستار ميمڻ
حميره علواڻي
فريد الدين بقائي ڊاڪٽر
شاھہ بابا مرزا ترخان
احمد سومرو ڊاڪٽر
جونپوري سيد محمد
حسن پٽ رڪن الدين خطاط
لونگ فقير
آر اي شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون