اطهر منگي

اطهر منگي

اطهر منگي

اطهر منگي: اطهر منگي سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل شاعر آهي. هن جو اصل نالو علي نواز منگي آهي. 28 اپريل 1948ع ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي جي واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، 60 واري ڏهاڪي ۾ سندس والدين دادو شهر جي جڳت آباد محلي ۾ اچي رهيا، هن جي تعليم ايم. اي ۽ بي. ايڊ آهي. هو 1984ع کان پي ٽي وي ڪراچيءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو. بعد ۾ 1989ع ۾ ڪوئيٽا سينٽر ۾ مقرر ٿي آيو، هن پي. ٽي. وي اڪيڊمي اسلام آباد طرفان پراڊڪشن جا مختلف ڪورس ڪيا، ان کان سواءِ اليڪٽرانڪ گرافڪس ۾ مهارت حاصل ڪيائين. پي. ٽي. وي ڪوئيٽا تي بلوچي، پشتو ۽ براهويءَ ۾ ٻارن جا پروگرام، ڊراما ۽ ڊاڪومينٽريون پيش ڪيون، ان کان سواءِ ڪيترو وقت ايڊيٽنگ جي شعبي ۾ رهيو. پاڪستان ٽيليويزن ڪوئيٽا تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ نقاد آهي. شاعريءَ ۾ غزل سندس پسند جي صنف آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”ڪومل جذبا سهڻيون سوچون“، ”گيت سحر جا“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن، هن اردو شاعري پڻ ڪئي آهي، سندس اردو شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”دهوپ ڪِي تمازت“ ۽ ”خواب جزيره“ پڻ ترتيب هيٺ اٿس. هن وقت ڪوئيٽا ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اطهر منگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.04.28  عيسوي

اطهر منگي 28 اپريل 1948ع ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي جي واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج ٽکڙائي
ڀاونداس ڀاون
فقيرعبدالرحيم عبد مڱريو
پرويز سجاد حيدر
پلي محمد امين خليفو
راءِ بهادر سيٺ وشنداس
عبدالحڪيم ارشد
امير خسرو
اثر امام
اسلم عباسي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون