اضعف هالائي

اضعف هالائي

اضعف هالائي

اضعف هالائي: شاعر ۽ نثر نويس جان محمد اضعف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1897ع تي هالا ۾ جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ محمد هاشم مخلص هئا. سندس ڪلام مذهبي موضوعن: نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي مشتمل آهي. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ بہ متحرڪ رهيو ۽ سندس شعلہ بيان تقريرن کيس مشھوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ بہ الحاج پير سائل هالائي جي سنگت ۾ڇھه سال سرگرم رهيو. حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وآلھ وسلم جن جي سيرت تي لکيل سندس ڪتاب ’احوال محمدي‘ انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ سندس مقالن جو مجموعو ’واٽون ويھه ٿيون‘ (1973ع) بہ ڇپيل آهي. هن 08 مارچ 1979ع تي وفات ڪئي.


لفظ اضعف هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.08.14  عيسوي

شاعر ۽ نثر نويس جان محمد اضعف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1897ع تي هالا ۾ جنم ورتو.


1979.03.08  عيسوي

اضعف هالائي 08 مارچ 1979ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بندہ علي خان ٽالپر
فھميدہ شرف بلوچ
شھاب الدين غوري
تاج بانو براهوئي
شجاع حبشي
ذوالفقار علي شاھہ
پير حسين شاھہ راشدي
پير هدايت ﷲ ٺُلاهي
دهلوي شاھہ غلام محمد
امير بھادر ثاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون