اصيل نانگ

اصيل نانگ

اصيل

اصيل نانگ (Cobra): جوڳين جي پنھنجي دنيا آهي. انهن موجب اصيل ڪارن نانگن جا ست قسم يا ڀائر آهن، هُو انهن جي تشريح يا درجيبندي ڪجهہ هن ريت ڪن ٿا:
1- تخت نانگ: سڀني نانگن جو سرتاج آهي. هن نانگ جو رنگ سونهري، جسم شيشي جهڙو چمڪدار آهي، جنهن جي آرپار نظر پوي ٿي. سونهري لڪيرن سان خوبصورت ڦڻ هوندي اٿس. ڳچيءَ ۾ قدرتي ڳانو اٿس. جهنگ ۽ ويرانن ۾ چانڊوڪي رات جو تخت نانگ جي روايتي ڪچهري لڳندي آهي. ان کي بخت جو بادشاھہ سمجهيو ويندو آهي (شايد هيءُ King Cobra ڏانهن اشارو آهي ڇاڪاڻ تہ ان جو رنگ سونهري هوندو آهي).
2- پدم نانگ: 5 فٽ ڊگهو، ڪارو ناسي، وڏي ڦڻ ٿئيس ٿي جنهن تي علي سائينءَ جي دلدل جي کر جو نشان هوندو آهي. هي سنڌ ۾ عام آهي (هي Naja naja آهي). هڪ اڇو پدم هوندو آهي، جنهن جي مٿي تي مانڌاڻيءَ جهڙو نشان ٿئي ٿو. پدم نانگ جي پڇ ۾ زهريلو ڪنڊو هوندوآهي. هڪ ناسي پدم بہ هوندو آهي.
3- واسينگ نانگ: جنهن کي پڇ ۾ ڪنڊو ٿيندوآهي، هي ڊگهو ۽ ڪارو ٿئي ٿو.
3- شيش نانگ: جيڪو ويرانن يا کنڊرن ۾ خزاني تي ويٺل هوندو آهي.
4-ڪاريهر نانگ: جيڪو درويش نانگ آهي ۽ قاتل جو عڪس اکين ۾ وٺندو آهي (ڪاريهر Black Cobra/ Naja oxiana آهي، باقي ڳالهيون ڏند ڪٿائون آهن).
5- اِڇا اڌاري نانگ: جيڪو پنھنجي مرضيءَ سان انساني روپ وٺي سگهندو آهي، مٿي تي اڇو ٽِڪو ٿيندو اٿس. ڪارو ناسي ۽ گـهرو نيرو ٿيندو آهي (هي شايد Naja kaouthia آهي ۽ انساني روپ واري ڳالھہ بہ ڏند ڪٿائي آهي).
6- ڪلها ڌاري: هي بہ ساڳئي اصيل نسل جو نانگ آهي.
7- گڊو نانگ: هن جو پيٽ سليٽي ٿيندو آهي. پدم جي نسل مان کريل؛ نانگ ۽ ڪوراڙ جي ميلاپ سان پيدا ٿيندو آهي، انهن مان تِليهر ۽ ڦَنيهر مشھور آهن (هي معلومات ڏيڻ واري جو اشارو غلط طور وئينس نانگ ڏانهن آهي، سائنسي حقيقت اها آهي تہ نانگن ۽ بلائن جو غير جنس ۾ ميلاپ ٿيندو ئي ڪونه آهي، تِليهر Naja naja ئي آهي جنهن کي پدم بہ چون ٿا، ’ڦَنيهر‘معنيٰ ’ڦَڻ وارو‘ يعني، اهو بہ نانگ جو هڪ صفتي نالو آهي).


لفظ اصيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو