اصغر گوزائي

اصغر گوزائي

اصغر گوزائي

اصغر گوزائي: شاعر، ليکڪ ۽ استاد اصغر گوزائي جو اصل نالو علي اصغر ولد ميرل خان ڪلهوڙو آهي. 3 نومبر 1959ع تي، خيرپورناٿن شاھہ جي مشھور ڳوٺ ’گوزي‘ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي ۽ ثانوي تعليم گوزي شھر مان، انٽر دادو مان، جڏهن تہ گريجوئيش، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. 1981ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ 2018ع ۾ HST طور رٽائرڊ ٿيو. هن شاعريءَ جي شروعات 1987ع کان جوهر بروهي ۽ علي دوست عاجز جي صحبت ۾ ڪئي. شاعريءَ جي اصلاح بہ علي دوست عاجز ۽ نشترناٿن شاهي کان ڪرائيندو رهيو آهي. سندس شاعري جلال چانڊيو، منظور سخيراڻي، ممتاز لاشاري، تاج مستاني، وزير علي شاھہ ۽ ٻيا ڳائي چڪا آهن. ان کان علاوہ سندس ڪجهہ شاعري ’هلال ‘ ۽ ’عبرت‘ رسالن ۾ بہ شايع ٿيل آهي


لفظ اصغر گوزائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.11.03  عيسوي

شاعر، ليکڪ ۽ استاد اصغر گوزائي جو اصل نالو علي اصغر ولد ميرل خان ڪلهوڙو آهي. 3 نومبر 1959ع تي، خيرپورناٿن شاهه جي مشھور ڳوٺ ’گوزي‘ ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي نور محمد پرواز
انور قنبراڻي
اياز جاني
خانصاحب غلام علي جعفري
راشدي نجي ﷲ شاھہ
اشرف زمان پير چنڊامي
مشتاق بخاري
احمد خان گلزار
انجو ماکيجا
سيد علي انور شاھہ اجمل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون