اصغر سيتائي

اصغر سيتائي

اصغر سيتائي

اصغر سيتائي: مشھور شاعر اصغر سيتائيءَ جو پورو نالو اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ عيسيٰ خان سولنگي ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس تعليم مڊل تائين آهي. هي پوليس کاتي ۾ ڪانسٽيبل طور ڀرتي ٿيو، جتان سروس پوري ڪري رٽائر ٿيو. هن پيرل پرديسيءَ کان شاعريءَ جي سکيا ورتي ۽ 1980ع کان باقاعدي لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس شاعري مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن جي زينت بڻبي رهي ٿي. هن وقت تائين سندس شاعريءَ جا چار ڪتاب: ‘اکڙين اوسيئڙا’ (2002ع)، ‘موتي ميڙيا مون’ (2012ع)، ‘سونهن کي سلام’ (2014ع) ۽ ‘ڏهر منجهہ ڏيئا’ (2015ع: گڏيل شاعري) شايع ٿي چڪا آهن. اصغر سيتائي هن وقت سائيٽ ايريا ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اصغر سيتائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.12.31  عيسوي

مشهور شاعر اصغر سيتائيءَ جو پورو نالو اصغر حسين ولد محمد حسن سولنگي آهي. سندس جنم 31 ڊسمبر 1961ع تي ڳوٺ عيسيٰ خان سولنگي ضلعي دادو ۾ ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام مهتديٰ لکوي
الطاف عاصي ڊاڪٽر
احسان رضا
روشن محمد ذهين ٺٽوي
حمل فقير 1
عبدالغفور شاھہ تقوي سيد
راشد مورائي
حاجي محمد پريل مگسي
پرسرام ارجن داس ڪمل
چوهڙ سنگهہ رامداس سوامي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون