اصحاب: صحابيءَ جو جمع، نبي سڳوري حضرت محمد صلي ﷲ عليہ وسلم جو صحبتي. نبي سڳوري جا چار وڏا اصحابي، جن کي ”اصحاب ڪبار“ چيو وڃي ٿو، سي حضرت ابوبڪر صديق، عمر بن الخطاب، عثمان بن عفان ۽ علي بن ابي طالب آهن، جن نبي سڳوري جي زماني ۾ اسلام قبول ڪري حضور پاڪ جن جي صحبت جو شرف حاصل ڪيو، انهن جي نالن پويان احترام خاطر ”رضي ﷲ تعاليٰ عنه“ لکبو يا اُچاربو آهي. اهي برگزيده اصحاب يا صحابي ليکيا وڃن ٿا. ان کان سواءِ بہ حضور اڪرم صہ جي صحبت ڪيترن ئي اصحابن کي نصيب ٿي.