ڊاڪٽراشرف سمون

ڊاڪٽراشرف سمون

اشرف سمون ڊاڪٽر

اشرف سمون، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، 3 مارچ 1951ع تي تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو. سندس والد مولوي عبدالله سمون، سنڌ ۾ فقھہ جو برک عالم ٿي گذريو آهي. تعليم جو گهڻو حصو پنھنجي والد کان، عربيءَ جي تعليم مختلف عالمن کان، قرآن پاڪ جو ترجمو ۽ تفسير 1967ع ڌاري مولانا عبيدالله درخواستيءَ وٽ خانپور ڪٽورا ۾ ۽ دوره حديث 1970ع ڌاري مظهرالعلوم کڏي واري مدرسي ۾ پورو ڪري، حديث جي سَندَ حاصل ڪئي. هن 1970ع ۾ دارالعلوم امجديه ڪراچيءَ مان فاضل عربيءَ جو امتحان پاس ڪيو. 1979ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1990ع ڌاري علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائيءَ ۾ ”ٻارهين صديءَ جي سنڌي محدثن جون خدمتون“ جي عنوان سان مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. علامہ قاسمي کيس علمي صلاحيتن جي ڪري شاھہ ولي اڪيڊمي طرفان ”الشهادت العالميه“ جي سند عطا ڪئي. پاڻ ڪراچي جي ڪامرس ڪاليج ۾ 3 سال پرنسپال ۽ جامعہ ڪراچي ۾ 15 سال وزيٽنگ پروفيسر رهيو. جتي سندس رهنمائي ۾ ڪيترن ئي شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪئي. ان کانسواءِ يونيسيف طرفان انٽر رليجس ڪائونسل فار هيلٿ، سنڌ جو سيڪريٽري جنرل بہ رهيو. سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ آف اسلامڪ اسٽڊيز جو هن وقت بہ ميمبر ۽ پي ايڇ ڊي جي شاگردن جو ممتحن آهي. اسلامي موضوع تي سندس ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيل آهن. جن ۾: ”پاڻ سڳورن جا خط“ کي وڏي شھرت ملي آهي، جنھن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. ”حيات الانبياء“ (ترجمو) ۽ ”مثنوي قادري“ (ترجمو: 2003ع) پڻ ڇپيل آهن. محمد هاشم ٺٽويءَ جي ٻن عربي تصنيفن ”الوصية الهاشميه“ (ترجمو ۽ حاشيہ: 1995ع) جنھن جو ٻيو ڇاپو رومي فائونڊيشن حيدرآباد پاران 2021ع ۾ شايع ٿيو، ”التحفته المرغوبت في افضليت الدعاءِ بعد المڪتوبت“ جو سنڌي ۾ ترجمو ”سوهڻي سوغات“ جي نالي سان ڪيائين، جنھن جو اردو ترجمو 1995ع ۾ ڇپيو. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي ديني، ادبي ۽ تاريخي مضمون ۽ مقالا ملڪ جي ڪيترين ئي سنڌي توڙي اردو اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ ٽي وي جي مختلف چئنلن تي بحيثيت اينڪر ۽ مقرر جي ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي، جڏهن تہ ايران انقلاب ڪانفرنس ۽ ’سيرت ڪانفرنس‘ اسلام آباد سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪي توڙي غير ملڪي ڪانفرنسن ۾ پڻ مقالا پيش ڪيا اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.03.03  عيسوي

ڊاڪٽر محمد اشرف سمون، 3 مارچ 1951ع ڌاري تعلقي ٺٽي جي ڳوٺ راڄو نظاماڻيءَ لڳ ”جِهرڪ“ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم حسين سيوهاڻي
ابل فقير مهڪاڻي
حڪيم محمد امين سومرو
ڀڳت سنگهہ
جعفر خان کوسو
اظھر علي شاھہ ڊاڪٽر
امداد حسين
ابوالحسن
سلطان سامٽيو
پيرزادو ميان عبدالرحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون