اشرف بلوچ

اشرف بلوچ

اشرف بلوچ 2

اشرف بلوچ: اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو. هي سچل آرٽس ڪاليج ۾ پڙهيو ۽ 1982ع ڌاري ڪاليج جي هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ حصو ورتائين. سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (سائيڪالاجي) جي ڊگري حاصل ڪئي، جتي سندس استاد خيرالنساءَ جعفري هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1985ع ڌاري آبپاشي کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. اداڪاريءَ ۾ فيروزالدين ’احساس‘، بلاول پرديسي ۽ بشير احمد سندس استاد هئا. ريڊيو تي پروڊيوسر انور بلوچ سندس آواز جو امتحان وٺي کيس سنڌي ڊراما آرٽسٽن جي فھرست ۾ شامل ڪيو. سندس پھريون ڊرامو ’واچوڙن جي واٽ‘ آهي. اشرف بلوچ ڊراما آرٽسٽ سان گڏوگڏ سٺو انائونسر ۽ ڪمپيئر پڻ آهي. ڪجهه گيت بہ ڳايا اٿس. ڪجهه سنڌي فلمن جي ڊبنگ بہ ڪئي آهي. ’اوهان جي فرمائش‘، ’صبح مھراڻ‘ ۽ ’يادون وسرنديون ڪونه‘ جهڙن ريڊيو پروگرامن جي ڪمپيئرنگ بہ ڪري چڪو آهي. ريڊيو خيرپور جي پھرئين سنڌي ڊرامي ۾ حصو وٺڻ جو شرف بہ کيس حاصل آهي. خيرپور ريڊيو تان جھانگير قريشيءَ جي پيش ڪيل امر جليل جي ڊرامي ۾ پڻ ڀرپور نموني ڪردار نڀايائين. ريڊيو پاڪستان تي زاهد قلباڻي ۽ منير سومري کيس گيسٽ پروڊيوسر طور نامزد ڪيو. ريڊيو کانسواءِ ٽي وي جي ڪجهه ڊرامن ۾ پڻ حصو ورتائين. 2019ع ۾ مھراڻ ٽي وي تان ’سنڌي فلم ۽ فنڪار‘ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيائين ۽ 2020ع کان ’مھراڻ جا راڳي‘ جي نالي سان مھراڻ ٽي وي تان سندس پروگرام هلندڙ آهي. هي ڪافي عرصو لنڊن ۽ آمريڪا ۾ رهي چڪو آهي. 2000ع ۾ بي بي سي تان جاويد سومري سندس انٽرويو نشر ڪيو. اشرف بلوچ، خيرپور، حيدرآباد، پني عاقل ۽ نوابشاھہ ۾ ڪيترائي اسٽيج ناٽڪ ڪري چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.05.05  عيسوي

اداڪار، صداڪار ۽ ڪمپيئر محمد اشرف بلوچ 5 مئي 1964ع تي ڳوٺ سرهاڙي، شھدادپور ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي شير شيدي
عطا محمد خان ٽالپر مير
جي ايم سليڊن
شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي
پير سخي عثمان شاھہ
ماڻڪ ڪنگراڻي
بيگم فقيرياڻي
ڀٽي عنايت حسين
عزيز مصر
ڪي ايس ناگپال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون