اسٽيشن

اسٽيشن: انگريزي ٻوليءَ جو لفظ، منزل، ڊاٻو، ريلوي لائين تي اُها جاءِ، جتي هڪڙا مسافر لھن تہ ٻيا چڙهن ۽ ريل جو سفر ڪن. سڄي هندستان ۾ 1274ھہ/1857ع ۾ پهريائين ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين آگ گاڏيءَ (ريل) جي منظوري ملي، جنهن جو سنگ بنياد سر بارٽل فريئر رکيو. سندس ڪمشنريءَ جي ڏينهن ۾ ريل گاڏي ڪراچيءَ کان ملير تائين هلڻ لڳي. 1278ھہ/1861ع جي شروع ۾ بمبئيءَ جو گورنر سر ”جارج ڪلارڪ“ ڪراچيءَ پهتو ۽ ان وقت جي ڪمشنر“ ”انورا ريٽي“ سان گڏجي ريل تي چڙهي ڊاڀي جيءَ (جنهن کي غلطيءَ وچان ”داٻيچي“ چيو وڃي ٿو) پهتو ۽ اُتان مهري اُٺن تي چڙهي گهاري شھر ۾ منزل انداز ٿيو هو.
اهڙيءَ طرح 1869ع ۾ ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين تيار ٿي ۽ ريل گاڏيءَ جي سروس شروع ٿي. پوءِ آهستي آهستي ”نارٿ ويسٽرن ريلوي ڪمپنيءَ“ جي پروگرام موجب حيدرآباد، ڪوٽڙي- جيڪب آباد، لاڙڪاڻو- شهدادڪوٽ، حيدرآباد-روهڙي، ٽنڊو آدم پڊعيدن، ميرپورخاص- نوابشاھہ، ميرپور- پٿورو، جيڪب آباد- ڪشمور ريلوي لائينون ٺھڻ لڳيون ۽ انهن جي لاءِ سنڌ ۾ جملي 162 ريلوي اسٽيشنون تعمير ٿيون. هن وقت انهن جو تعداد وڌي ويو آهي.


لفظ اسٽيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو