ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ

ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ

اسماعيل ميمڻ ڊاڪٽر

اسماعيل ميمڻ، ڊاڪٽر: مشھور محقق، نقاد ۽ نثر نويس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پهرين جون 1960ع تي ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي 2012ع ۾ هن مولوي حاجي احمد ملاح جي قرآن پاڪ جي منظوم ترجمي ”نور القرآن“ تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي.1978ع ۾ پرائمري استاد طور نوڪري جي شروعات ڪئي، ترقي ڪندي ايسوسيئيٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ 31 مئي 2020ع تي رٽائرڊ ٿيو. ان دوران پاڻ مختلف اسڪولن ۾ پرنسپال طور بہ ذميواريون نڀايون. 2005ع ۾ تعلقي بدين جو ADEO ٿي رهيو. هن اتي رهندي اسڪولن ۾ تعليمي سرگرميون وڌايون، سنڌ جي قومي سورمن جا ڏهاڙا ملهائڻ جو بنياد وڌو، بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تعليمي ۽ سماجي مضمون لکيائين. هن وقت مولوي حاجي احمد ملاح جي منظوم ترجمي کي نثري شڪل ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.06.01  عيسوي

محقق، نقاد ۽ نثر نويس ڊاڪٽر محمد اسماعيل ميمڻ پهرين جون 1960ع تي ڳوٺ پهاڙ مري، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رشيد آخوند
حجاب امتياز علي
سليم ﷲ مخدوم پاٽائي
محمد حسين اعواڻ ڪروڙ پتي
چاولا ارجن
خانائي حامد علي قريشي
لڇمڻ خوبچنداڻي
اشفاق انصاري
قادر بخش مخلص چانڊيو
ساجده پروين ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون