اسماعيل تارا

اسماعيل تارا

اسماعيل تارا

اسماعيل تارا: پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ ٽي. وي جو مشھور مزاحيہ اداڪار اسماعيل تارا 16 نومبر 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هي 1980ع کان اداڪاريءَ سان وابستہ رهيو. هن ڪيترن ئي ڊرامن، فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو پر سندس شھرت پي. ٽي. وي جي مزاحيہ خاڪن تي مشتمل ”ففٽي ففٽي“ شو جي ڪري ٿي، جنھن ۾ هن اداڪاريءَ کانسواءِ ڪجهہ خاڪا بہ لکيا. هن ٽي. وي ۽ اسٽيج ڊرامن کانسواءِ 14 پاڪستاني فلمن ۾ بہ ڪم ڪيو. کيس ’تمغهء حسن ڪارڪردگي‘ صدارتي اوارڊ ۽ ڪيترائي ڀيرا ’نگار اوارڊ‘ مليا. اسماعيل تارا گڙدن جي بيماري سبب بھادر آباد (ڪراچي) جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو ۽ گڙدا فيل ٿيڻ سبب 24 نومبر 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. کيس چئن پٽن ۽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.


لفظ اسماعيل تاراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.16  عيسوي

پاڪستان ۾ اسٽيج ۽ ٽي. وي جو مشھور مزاحيه اداڪار اسماعيل تارا 16 نومبر 1949ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.


2022.11.24  عيسوي

اسماعيل تارا گڙدن جي بيماري سبب بھادر آباد (ڪراچي) جي خانگي اسپتال ۾ داخل هو ۽ گڙدا فيل ٿيڻ سبب 24 نومبر 2022ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شامي سيد احمد خالد
حڪيم حسين سيوهاڻي
ڀائي مردانا
عمر شريف
ضياء الدين احمد برني 2
محمد بخش سميجو
سارتر
رحمون فقير
شاھہ وردي خان کرت
ڀڳوان لالواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون