اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق

اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق: حضرت امام جعفر صادق رحه جو وڏو فرزند، اسماعيلي فرقي جو امام هو. 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪيائين ۽ جنت البقيع ۾ دفن آهي. سندس قبر پهرين جنت البقيع کان ٻاهر هئي، پر جڏهن مديني شريف جي حرم کي وڌائڻ جو خيال ڪيو ويو تہ سندس جسد کي جنت البقيع ۾ منتقل ڪيو ويو. روايت موجب عيني شاهدن جو چوڻ آهي تہ سوين سال گذرڻ بعد سندس ڪفن (جيڪو اُن مان ٺهيل هو) جهڙو هو، اهڙوئي ثابت ۽ صاف پيل هو ۽ سندس قبر مان باقاعدي خوشبوءِ نڪري رهي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0750.00.00  عيسوي

حضرت امام جعفر صادق رحه 750ع ۾ مديني منوره ۾ وفات ڪئي.



مذهب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديوداسي
جامع فرخ مسجد
جامعہ عربيه مفتاح العلوم
ذڪري
جهم جو شوَ مندر
ذڪر
جامعہ حماديه منزل گاھہ
رُدرا
اهلِ حديث
دئيت
مذهب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون