اڳوڻو فوجي سربراهه اسلم بيگ مرزا

اڳوڻو فوجي سربراهه اسلم بيگ مرزا

اسلم بيگ مرزا

اسلم بيگ مرزا: جنرل اسلم بيگ مرزا پاڪستاني فوج جو سربراھہ رهيو آهي. 17 آگسٽ تي هوائي جھاز جي حادثي ۾ جنرل ضياءُ الحق جي مرڻ بعد هن عهدي تي فائز ٿيو. وٽس اهو عهدو 1991ع تائين رهيو، سندس سياسي عزائم جي پيش نظر صدر غلام اسحاق خان کيس هٽائي، جنرل آصف نواز کي فوج جو نئون سربراھہ مقرر ڪيو. جيتوڻيڪ سندس ريٽائرمينٽ ۾ اڃا ٽي مهينا باقي هئا.
جنرل اسلم بيگ 22 آگسٽ 1952ع تي فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. ايس ايس جي ڪمپني جي ان جٿي جي ميجر طور اڳواڻي ڪئي، جنهن 1960ع ۾ چترال ۾ دير جي نواب کي برطرف ڪيو هو. بعد ۾ 1984ع ۾ هوچيف آف جنرل اسٽاف مقرر ٿيو ۽ 1985 کان 1987ع تائين پشاور جو ڪور ڪمانڊر هو.
اسلم بيگ 2 آگسٽ 1931ع تي اتر پرديش ضلعي آرام ڳڙھہ جي ننڍڙي ڳوٺ مسلم پتي ۾ جنم ورتو. کيس ضياءَ دور ۾ فور اسٽار جنرل جي عهدي تي ترقي ملي ۽ وائيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿيو. ضياءَ جي مرڻ بعد فوج جو سربراھہ ٿيو. ترت ئي عام چونڊون ٿيون ۽ اقتدار پيپلز پارٽي جي سربراھہ محترمہ بينظير ڀٽو کي منتقل ڪيو ويو. بهرحال، جنرل بيگ 1991ع تائين طاقتور فوج جو سربراھہ رهيو ۽ 1991ع ۾ کيس ريٽائر ڪيو ويو. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ جنرل اسلم بيگ بابت ڳالهيون کليون. ريٽائرڊ ايئر مارشل اصغر خان سپريم ڪورٽ 1991ع ۾ هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي تہ اسلم بيگ، آءِ ايس آءِ جي تڏهوڪي سربراھہ جنرل اسد دراني ۽ مهراڻ بئنڪ جي يونس حبيب سياسي مقصدن لاءِ عوام جو پئسو خرچ ڪيو آهي. اصغر خان اها درخواست بينظير ڀٽو جي تڏهوڪي گهرو معاملن واري وزير جنرل نصير بابر جي قومي اسيمبليءَ ۾ ان انڪشاف کان پوءِ داخل ڪئي هئي تہ ڪيئن آءِ ايس آءِ 1990ع وارين چونڊن جا نتيجا تبديل ڪرڻ يا سياستدانن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ پئسا خرچ ڪيا.
جنرل اسلم بيگ جي شخصيت ۽ ڪردار بينظير ڀٽو جي حڪومت تي دٻاءُ وجهڻ، نواز شريف جي دور ۾ مڃيل پرڏيهي پاليسي جي ابتڙ قدم کڻندي عراق، ڪويت جنگ بابت موقف اختيار ڪرڻ، سپريم ڪورٽ آڏو اهو مڃڻ تہ هن چيف جسٽس تي اثر رسوخ هلايو هو. جهڙين ڳالهين جي ڪري تڪراري رهيو آهي.
فوج مان ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن ”فرينڊز“ نالي سان هڪ اين جي او ٺاهي، جنهن جو هو سربراھہ آهي. سندس اها تنظيم مختلف سياسي نوعيت جون سرگرميون ڪندي رهندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.05.02  عيسوي

اسلم بيگ 2 آگسٽ 1931ع تي اتر پرديش ضلعي آرام ڳڙهه جي ننڍڙي ڳوٺ مسلم پتي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام هالو
انجنيئرعبدالوهاب سھتو
رئيس بروهي
ظھير عباس
شوڪت حسين شاھہ بابو شاھہ
دولت شاھہ امير
جعفر خواجو
هوش محمد شيدي
سيليوڪس Seleucas
چانڊيو عبدالرحمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون