
اسلام ۾ حلال و حرام
اسلام ۾ حلال و حرام (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ عرب جي مشھور مجتهد ۽ مفڪر علامہ يوسف القرضاويءَ جي مشھور تصنيف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالجبار عبد ترجمو ڪيو آهي، جيڪو مئي 2001ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري بہ آهي، جو هن مان پتو پوي ٿو تہ زندگيءَ جي هر شعبي ۽ معاملي ۾ حلال ۽ حرام ڇا آهي؟ يعني اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي ﷲ تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب آهن ۽ اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي سندس ناراضگيءَ ۽ عتاب جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، ڪتاب جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ فهرست نہ ڏني وئي آهي. 408 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. (ڪتاب): هي ڪتاب اصل ۾ عرب جي مشھور مجتهد ۽ مفڪر علامہ يوسف القرضاويءَ جي مشھور تصنيف آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالجبار عبد ترجمو ڪيو آهي، جيڪو مئي 2001ع ۾ سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي اهميت ان ڪري بہ آهي، جو هن مان پتو پوي ٿو تہ زندگيءَ جي هر شعبي ۽ معاملي ۾ حلال ۽ حرام ڇا آهي؟ يعني اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي ﷲ تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب آهن ۽ اهي ڪهڙيون شيون آهن، جيڪي سندس ناراضگيءَ ۽ عتاب جو ڪارڻ بڻجن ٿيون، ڪتاب جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو آهي، ڪتاب ۾ فهرست نہ ڏني وئي آهي. 408 صفحن تي مشتمل رنگين ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.