اسلام پور: هن نالي سان سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ هيٺيان پنج ڳوٺ آباد آهن: هڪڙو ڳوٺ تعلقي ٽنڊي الهيار جي ديھہ ”بُلغائيءَ“ ۾ آباد آهي، جنهن جي آدمشماري 500کان مٿي ٿيندي، ٻيو ڳوٺ دادو تعلقي جي ديھہ ”ڪينجهر“ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ رهندڙن جو تعداد 600 آهي. ٽيون ڳوٺ تعلقي ۽ ديھہ ”رتي ديري“ ۾ آباد آهي، جنهن جي آبادي چار پنج سئو کن آهي، چوٿون ڳوٺ تعلقي ساماري جي ديھہ ”ڪنڊياريءَ“ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ اڍائي هزار ماڻهو رهندڙ آهن، پنجون ڳوٺ تعلقي ساماري جي ديھہ ”ڇاڇري“ ۾ آباد آهي، جنهن ۾ ٻہ سئو کن ماڻهو رهندڙ آهن. انهن سڀني ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول موجود آهن.