اسلام آباد شهر ۾ تعمير ٿيل فيصل مسجد

اسلام آباد شهر ۾ تعمير ٿيل فيصل مسجد

اسلام آباد1

اسلام آباد1: پاڪستان جو وفاقي گاديءَ جو هنڌ، جيڪو راولپنڊيءَ کان 16 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هي شھر خاص طور رٿابنديءَ سان وفاقي گادي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو هو، جيڪو،سمنڊ جي سطح کان 1650 کان 2000 فوٽ اُتاهينءَ تي مرگلا پهاڙين ۾ آباد آهي. هن شھر جي اڏاوت 1961ع ۾ شروع ٿي ۽ 1967ع ۾ تڪميل تي پهتي. هيءُ شھر 350 چورس ميلن تي پکڙيل آهي. هتي حڪومتي انتظام هلائڻ لاءِ وفاقي سيڪريٽريٽ جون عاليشان عمارتون آهن. ايوان صدر ۽ پارليامينٽ هائوس پاڻ ۾ لڳو لڳ آهن. انهن جي ويجهو صدارتي محل، اسٽيت بئنڪ ۽ قومي اسيمبليءَ جون عمارتون آهن. ثقافتي سيڪٽر ۾ نئشنل لائبرري، نئشنل ميوزيم، آرٽس ڪائونسل ۽ ريڊيو پاڪستان جون عمارتون آهن. ڪاروباري لحاظ کان هتي سپر مارڪيٽ، جناح مارڪيٽ، ستارہ مارڪيٽ ۽ ميلوڊي وغيرہ آهن. اسلام آباد جي ڪاروباري زندگيءَ ۾ بلو ايريا کي هڪ خاص مقام حاصل آهي. اسلام آباد جو مرڪزي ۽ تعمير جي لحاظ کان سڀ کان پهريون ۽ مشھور عوامي چوڪ ”آب پاره“ آهي، جنهن کي اسلام آباد جي دل چيو ويندو آهي. هتي فن تعمير جو شاهڪار فيصل مسجد آهي، جنهن جي ڊزائن ترڪيءَ جي مشھور معمارن ٺاهي هئي. اسلام آباد ۾ انٽرنئشنل اسلامي يونيورسٽي، نئشنل يونيورسٽي آف سائنس ائنڊ ٽئڪنالاجي، يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگئيجز، علامہ اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ قائداعظم يونيورسٽي مشھور درسگاهون آهن. اسلام آباد جي معروف تربيت گاهن ۾ نيوڪليئر انسٽيٽيوٽ، اسلامڪ ريسرچ انسٽيٽيوٽ، گورنمينٽ پُولي ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ، هائڊرو ڪاربن انسٽيٽيوٽ، نئشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڊيوڪيشن وغيرہ شامل آهن. مقتدره قومي زبان، اڪادمي ادبيات پاڪستان ۽ لوڪ ورثي جا ادارا ۽ اشاعت گهر بہ اسلام آباد جا معروف سرڪاري ادارا آهن. اسلام آباد جي سير تفريح وارين جاين ۾ شڪر پڙيان، راول ڊئم، دامن ڪوھہ، اسلام آباد پارڪ، عوامي مرڪز، نورپر شاهان، بري امام جو مقبرو، مرغزار ۽ 50 ايڪڙن تي پکڙيل روز ائنڊ جيسمين گارڊن وغيرہ ذڪر لائق آهن. هيءُ شهر، خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اقوام متحدہ جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اوٿانٽ، هن شھر کي ”ايشيا جو برازيل“ ڪوٺيو هو. جولاءِ 1980ع ۾ هن شھر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو