اسلامي زندگي (ڪتاب): هن ڪتاب جو مترجم مولانا دين محمد ”اديب“ فيروزشاهي آهي، جيڪو عبدالرحيم ولد مولوي عبدالواحد ميمڻ، دادوءَ واري، ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 3 رپيا ۽ صفحا 256 آهن. ڪچي جلد ۽ ڪرائون سائيز ۾ هيءُ ڪتاب، رباني پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان سنہ 1958ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، اسلاميہ ڪتبخاني طرفان 1964ع ۾ ڇپايل آهي ۽ پنجون ڇاپو اسلاميہ پريس، حيدرآباد مان 1968ع ۾ ڇپيو.