اسلاميہ دارلاشاعت

اسلاميہ دارلاشاعت- ميرپور خاص / حيدرآباد: هن اشاعتي اداري جو پايو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سن 1938ع ۾ پنجاھہ رپين جي موڙيءَ سان، ميرپور خاص ۾ وڌو. پهريون ڪتاب جيڪو هن اداري مان شايع ٿيو سو هو ڏيپلائيءَ صاحب جو لکيل ناول ”سنگدل شھزادي“. انهيءَ کان پوءِ ڏيپلائي صاحب طرفان جاري ڪيل ماهوار ”عبرت“ ڪتاب جي سلسلي جا چاليھہ کن ناول هن اداري ميرپور خاص مان شايع ڪيا. اڳتي هلي سن 1942ع ۾ هي ادارو حيدرآباد ۾ منتقل ٿيو ۽ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب تواتر سان سنہ 1980ع تائين شايع ڪندو رهيو. ڏيپلائي صاحب جا سوکن ڪتاب هن اداري شايع ڪيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو