مولانا اسد الله ڀٽو

مولانا اسد الله ڀٽو

اسد ﷲ ڀٽو مولانا

اسد ﷲ ڀٽو، مولانا: جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد ﷲ ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هو 3 مئي 1946ع تي سکر شھر ۾ ڄائو. هن ايل ايل بي جي ڊگري 1969ع ۾ ۽ سماجيات ۾ ايم اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾ ڪئي. هو ايران، افغانستان جو دورو ڪري چڪو آهي. 2002ع وارين عام چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو هو. مولانا اسد ﷲ ڀٽو سنڌ جي جائز مسئلن تي آواز اٿاريندو رهي ٿو. هن ڪراچيءَ جي ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيو. هو هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.05.03  عيسوي

جماعت اسلامي پاڪستان جو نائب امير ۽ سنڌ جو اڳوڻو امير مولانا اسد الله ولد محمد بچل ڀٽو پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي. هو 3 مئي 1946ع تي سکر شھر ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
بديع الجمال
خواجہ غلام محمد نقشبندي
رتي ٻائي
صابره بيگم ڊاڪٽر
ڄام اوڍر سمو
مير يار محمد ٽالپر
رستم ڪي سڌوا
جتوئي عبدالغفار ڊاڪٽر
غلام حيدر صديقي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون