اسد ڀٽي

اسد ڀٽي

اسد ڀٽي

اسد ڀٽي: صحافي ۽ اداڪار اسد ولد ننگر خان ڀٽي، 15 اپريل 1960ع تي دستگير ڪالوني تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هوندو هو. اسڪول واري دور ۾ اسڪول ۾ ٿيندڙ اسٽيج پروگرامن ۾ حصو وٺندو هو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ موري جي نامور ڊراما نگار، هدايتڪار ۽ استاد محمد ڇتل سُرهيي کان اداڪاريءَ جي سکيا ورتائين. اسٽيج پروگرامن ۾ اڪثر عورت جو ڪردار ادا ڪيائين، جنهن سبب گهڻو مقبول ٿيو. هن اخبارن ۽ رسالن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون لکيا. اسد ڀٽي 1985ع کان پاڪستان ٽيليوزن تي ”حالات حاضره“ پروگرام جو پروڊيوسر رهيو. ان عرصي ۾ پي ٽي وي پاران جرمني ۽ ملائيشيا مان ميڊيا بابت خاص تربيت حاصل ڪئي. نوڪريءَ دوران يورپ ۽ وچ مشرق جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. کيس ڪرنٽ افيئر جا ڪامياب پروگرام ڪرڻ تي پي ٽي وي ۽ ٻين ادارن پاران ڪيترائي اوارڊ مليا. هن 2019 ۾ پي ٽي وي تان هيڊ آف ڪرنٽ افيئر جي عهدي تان رٽائر ڪيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ ذاتي پراڊڪشن هائوس قائم ڪري ملٽي نيشنل ڪمپنين جي سهڪار سان ملڪي ۽ غير ملڪي يونيورسٽين ۽ ادارن بابت ڊاڪيومنٽريز تيار ڪري رهيو آهي. ان کان علاوہ روٽري انٽرنيشنل ڪلب ۽ لائينز ڪلب ڪراچيءَ جو سرگرم عهديدار پڻ آهي.


لفظ اسد ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.04.15  عيسوي

صحافي ۽ اداڪار اسد ولد ننگر ڀٽي، 15 اپريل 1960ع تي دستگير ڪالوني تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پروانونور محمد
ڏيپلائي محمد عثمان
علي بخش احمدزئي
عبدالغفور سيتائي
سنتداس ڀاٽيه ناز
اختر بلوچ 2
پريم شواڻي
نور جوکيو
غازي صلاح الدين
عبدالرحيم صابر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون