
اسد قريشي
اسد قريشي: مشھور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين. 1976ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ گريجوئيشن ڪيائين. شوبز ۾ پنھنجي ڪيريئر جو آغاز 1968ع ڌاري سنڌي فلمن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪيو، ان وچ ۾ تعليم بہ حاصل ڪندو رهيو. 1972ع کان پوءِ ڪيترائي سال فلم ڊائريڪشن جو باقاعدي ڪم ڪيائين. مشھور اداڪارن عبداللطيف ’ساقي‘ ۽ شھباز درانيءَ جي اتساھہ ڏيارڻ تي هُو اداڪاريءَ طرف آيو. 1985ع ۾ پهرين فلم ”حيدر خان“ ۾ اداڪاري ڪيائين، پوءِ ”نادر گوهر“، ”جيئي لطيف“، ”شھيد“ وغيرہ ۾ بھترين اداڪاري کيس وڏي شھرت ڏني.
اسد قريشي پي. ٽي. وي تان بہ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ ”ڌٻڻ“، ”ماروي“، ”بدنصيب ٿري“، ”سونيتي“، ”باک“، ”آڙاھہ“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. هن محمد بخش سميجي، سلطانہ صديقي ۽ سميع بلوچ جي ڊائريڪشن ۽ پيشڪش هيٺ پي. ٽي. وي تي ڪم ڪيو. هن اسٽيج ۽ ريڊيو تي بہ پرفارم ڪيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن سنڌي سيٽلائيٽ چينلن کي پذيرائي ملي تہ اسد قريشي سنڌي ٽيلي فلم ٺاهڻ جو آغاز ڪيو، کيس سنڌي شوبز جي دنيا ۾ ”باباءِ ٽيلي فلم“ بہ چون ٿا. ٽيلي فلم ”درياھہ پار“ جو ليکڪ ، هدايتڪار ۽ هيرو پاڻ هو. ان جي زبردست پـذيرائي بعد هن ”سنڌو ڪناري“، ”هوشو“، ”سنڌو بادشاھہ“، ”ﷲ بادشاھہ“، ”غلام مصطفيٰ“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ٽيلي فلمون ٺاهي شھرت حاصل ڪئي. مختلف چينلن تي سندس مشھور ڊراما سيريل ”پٿر دنيا“، ”حوا“، ”ڳاڙهي“. ”زنجيرون“، گنگهار“، ”پياسي ڌرتي“ ۽ ”وارث“ وغيرہ شامل آهن. اسد قريشيءَ جي شادي 1991ع ۾ پنھنجي مائٽن ۾ ٿي، کيس ٽن ٻارن، فاطمہ بتول، علي عباس ۽ زينب بتول جو اولاد آهي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.
1955.05.01 عيسوي
اسد قريشي: مشهور اداڪار ۽ هدايتڪار اسد قريشي ولد الاهي بخش قريشي ، پهرين مئي 1955ع تي شڪارپور ۾ ڄائو
1991.00.00 عيسوي
اسد قريشيءَ جي شادي 1991ع ۾ پنهنجي مائٽن ۾ ٿي ، کيس ٽن ٻارن ، فاطمه بتول ، علي عباس ۽ زينب بتول جو اولاد آهي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي .