اسدالله کهڙوي: مخدوم اسدالله ولد مخدوم احمد کهڙوي سنڌ جي وڏن عالمن، فاضلن ۽ صوفين مان ٿي گذريو آهي. مخدوم اسدالله 870 ھہ مطابق 1465ع ۾ ڄائو. شريعت جي حوالي سان سندس نالو هر هنڌ مشھور هو ۽ بزرگيءَ جي هاڪ بہ جتي ڪٿي هئس. همايون بادشاھہ جڏهن سنڌ ۾ آيو تہ سندس ملاقات مخدوم اسدالله سان ٿي ۽ کانئس دعا گهرايائين تہ کيس دهليءَ جو تخت واپس ملي. جڏهن همايون 963ھہ/1555ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پٽ جلال الدين محمد اڪبر چوڏهن ورهين جي عمر ۾ بادشاھہ ٿيو تہ هن شريعت جي پابنديءَ لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. ڪن هندن، بادشاھہ ڏانهن ڪوڙا خط موڪليا تہ اسدالله ماڻهن کي گمراھہ ڪري رهيو آهي. مخدوم اسدالله کي خبر پئي تہ هن بہ يڪدم جلال الدين ڏانهن خط اماڻيو، جنهن ۾ پنهنجون شرعي خدمتون بيان ڪيائين. ان کان پوءِ مخدوم اسدالله کهڙن جي لڳ پپريءَ جي شھر ۾ مسجد اڏائي، اچي رهيو ۽ سن 966ھہ ۾ اتي ئي وفات ڪيائين.
1465.00.00 عيسوي
مخدوم اسدالله 870 هه مطابق 1465ع ۾ ڄائو
0966.00.00 هجري
اسدالله کهڙوي سن 966هه ۾ وفات ڪيائين.