اسد: عربي لفظ معنيٰ ’شِينهن‘ علم هيئت ۾ آسمان جي 12 خيالي برجن مان هڪڙو برج، جيڪو خط استوا جي اتر ۾ آهي. آسمان ۾ جيڪي 12 برج ڳڻيا ويا آهن، انهن مان ڇھہ برج خط استوا جي اُتر ۾ آهن ۽ ڇھہ برج خط استوا جي ڏکڻ ۾ شمار ڪيا ويا آهن. انهن برجن جي شڪل بہ مقرر آهي ۽ علامت بہ. برجن جي ترتيب هن طرح آهي: (1) حمل (گهيٽو)، (2) ثور (ڍڳو)، (3) جوزا (جاڙا ڄاول)، (4) سرطان (کيکڙو)، (5) اسد (شينهن)، (6) سُنبله (ڪنواري)، (7) ميزان (ساهمي)، (8) عقرب (وڇون)، (9) قوس (ڪمان)، (10) جدي (ٻڪر)، (11) دلو (ٽڀو)، (12) حُوت (مڇي). نجوم ۾ هرهڪ برج جي خاصيت جدا جدا آهي.