
استاد گامڻ خان
استاد گامڻ خان: گامڻ خان'>استاد گامڻ خان اصل ۾ فتح ڳڙھہ چوڙيان مشرقي پنجاب جو باشندو ۽ استاد شادي خان جو ننڍو فرزند هو. مگر سنڌ جي سڳنڌ ۽ هتي جي مڻيادار ماڻهن جي قرب جي هاڪ ٻڌي، هتي ڪھي آيو، ۽ اهڙو قابو ٿي ويو، جو کيس اصل وطن بہ وسري ويو. آخر مٽي بہ سنڌ جي ماڻيائين. مشھور گائڪ شادي خان جو هي لائق پٽ، پنھنجي ڦوھہ جوانيءَ واري زماني ۾ هتي آيو هو، سندس آواز ڏاڍو سُريلو ۽ ميٺاڄ ڀريل هو. سندس گائڪيءَ جو انداز ڌرپڌي هو. هي استاد بني خان جو شاگرد هو، ۽ خيال جي گائڪي کانئس سکيائين. هن شڪارپور شھر کي پنھنجي مستقل رهائش لاءِ منتخب ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.