استاد نظاماڻي

استاد نظاماڻي: استاد نظاماڻيءَ جو اصل نالو محمد ابراهيم ولد محمد هاشم نظاماڻي آهي. هي 15 مارچ 1969ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي سنڌي (1993)، بي. ايڊ (2001ع) اٿس. هي سانگهڙ مان نڪرندڙ سلسليوار رسالي ’جهونگار‘جو ايڊيٽر رهيو آهي. جنھن جا 25 پرچا ڪڍي چڪو آهي. هي نثر نويس، محقق ۽ ڪھاڻيڪار آهي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”حُر تحريڪ“ (2005ع)، ”جاڳ“ (رمضان راهي، اي آر آزاد ۽ امر لغاري سان گڏ استاد نظاماڻيءَ جي ڪھاڻين ۽ شاعري جو گڏيل مجموعو: 1993ع)، ”جي گهارياسين بند ۾“ (2006ع، حُر تحريڪ جي ٽن ڪردارن الھورايي بهڻ، حاجي ولي محمد نظاماڻي ۽ حاجي گل محمد نظاماڻيءَ جي يادن تي مشتمل)، دفاع وطن ۾ حُرن جو ڪردار (ترتيب) ۽ جنين مرڪايو ميدان (ترتيب) شامل آهن. سندس ڪراچيءَ کان ڪالام تائين سفر نامو اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهي، هو شھيد صبغت ﷲ شاھہ چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر آهي. هن وقت هاءِ اسڪول ٽيچر (H.S.T) آهي ۽ سانگهڙ ۾ رهي ٿو.


لفظ استاد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.03.15  عيسوي

استاد نظاماڻي 15 مارچ 1969ع تي سانگهڙ ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رفيق عيساڻي
راجو سمراٽ
شبير ساگر
عربي ڳاهو
پناھہ علي شاھہ
سلمان طاهرعلامه
سومر فقير هنڱورو
سيد عبدالرحمان شاھہ اظهر
ابڙو علامہ علي خان
عثمان صديقي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون