استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار

استاد نبي بخش مڱڻهار: ڪلاسيڪل راڳي استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 20 سالن جو هو تہ راڳ جي تربيت استاد مھر علي خان پنجاب واري کان ورتائين، جو استاد مراد علي گوالياري جو شاگرد هو. استاد نبي بخش راڳ ايمن ڪلياڻ ۽ ڀيم پلاس تي عبور رکندو هو. ڄام ساقيءَ کيس ريڊيو حيدرآباد تي آندو، جتي عنايت بلوچ سندس ست ڪلام رڪارڊ ڪري پيش ڪيا، جيڪي بيحد مقبول ويا. 1986ع ۾ لوڪ ورثه اسلام آباد پاران سندس محفل جي ڪئسٽ بہ تيار ڪئي وئي، جيڪا مقبول ٿي. شاھہ لطيف، سچل، بلها شاھہ، استاد بخاري ۽ اظهر گيلاني جا ڪلام خوب ڳائيندو هو. استاد نبي بخش جو وڏو پٽ مختيار احمد بہ سٺو ڳائي ٿو، باجو ۽ بينجو بہ وڄائي ڄاڻي، ٻيا فرزند امانت علي ۽ ممتاز ڍولڪ وڄائڻ جا ڄاڻو آهن، سندس ڀائٽيو محمد شريف بہ سٺو راڳي آهي. استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ استاد نبي بخش مڱڻهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.00.00  عيسوي

استاد نبي بخش ولد محمد ملوڪ مڱڻهار 1938ع ڌاري ڳوٺ پارو چاچڙ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو


2008.00.00  عيسوي

استاد نبي بخش مڱڻهار 2008ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوڻيجو عبدالرحيم
ٺٽوي امين الدين خان حسين
خسرو بيگ مرزا
آسر داس صوفي
ڏيون داس صوفي فقير مسڪين داس
الطاف پيرزادو
امام بخاري
سنت مھر بخش
چنا منير احمد
پشپا ڀاوناڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون